19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڳاڙهو: پي ٽي آءِ پاران عارف علوي نئون صدر چونڊجڻ جي خوشي ۾ ريلي

ڳاڙهي ۾ پي ٽي آءِ پاران عارف علوي نئون صدر چونڊجڻ جي خوشي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

پي ٽي آءِ اڳواڻن غلام مصطفيٰ، نور نبي شاهه ۽ عرفان جوکيو سميت ٻين  جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي خوشي ملهائي.

ريلي بعد پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو ته پي ٽي آءِ هڪ سئو ڏينهن ۾ تبديلي آڻي ڏيکاريندي، هاڻي تبديلي اڻٽر آهي.

هڪ سوال جي جواب پي ٽي آءِ اڳواڻن  چيو ته ڪراچي ڪڏهن به سنڌ کان ڌار نه ٿيندي، پي ٽي آئي جي رٿابندي ۾ اهڙو ڪوبه معاهدو ناهي.

هنن چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ لک بيروزگارن کي نوڪريون ۽ پنجاھ هزار غريب ماڻھن کي گهر ٺھرائي ڏنا ويندا، وزيراعظم قوم سان انصاف چاهي ٿو.

سندن چوڻ هو ته  ملڪ ۾ انصاف جي فراهمي يقيني بڻائي ڪرپشن ۽ مهانگائي کي ختم ڪرايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے