24 سومر , سيپٽمبر 2018

اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت ريفرنس جي ٻڌڻي 12 سيپٽمبر تائين ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت ۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت ريفرنس جي ٻڌڻي 12 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. ريفرنس جي ٻڌڻي جج محمد بشير ڪئي، جنهن دوران شاهد سعيد احمد احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو. وڪيل قاضي مصباح ٻئي شاهد اشتياق احمد کان آڏي پڇا مڪمل ڪئي. اشتياق احمد کي گذريل ٻڌڻي تي وڌيڪ دستاويزن سوڌو اڄ طلب ڪيو ويو هو. احتساب عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 12 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے