22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز |خيرپور: اريگيشن اسڪارپ  جي برطرف ڪيل ٻن ملازمن جي حمايت ۾ بک هڙتال

خيرپور  ۾  اريگيشن اسڪارپ ورڪشاپ ڊرنيج ڊويزن جي ٽي مهينا اڳ برطرف  ڪيل ٻن ملازمن  جي حمايت ۾ بک هڙتال ڪئي وئي.

برطرف ملازمن مشتاق گوپانگ ۽ يونس ڀٽو جي حمايت ۾   ايريگيشن اسڪارپ مزدور دوست يونين جي سوين ملازمن حاجي نظر محمد ڀٽو ، اعجاز علي لنجواڻي ، شاڪر مسرور مهيسر ، وقار ڀٽي جي اڳواڻي ۾ قلم ڇڏ هڙتال ڪري واپڊا اسڪارپ جي مک دروازي اڳيان  بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي.

بک هڙتالي ڪئمپ تي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ امجد مهيسر ، گسٽا خيرپور ضلعي جي صدر مقصود مهيسر سميت ٻين ڪيترن ئي سياسي سماجي اڳواڻن بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي کين  حمايت جو يقين ڏياريو .

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو تھ ٽي مهينا اڳ اڳوڻي پي ڊي اسڪارپ حق سچ جو آواز بلند ڪرڻ تي يونين جي ٻن ملازم اڳواڻن مشتاق گوپانگ ۽ يونس ڀٽو کي بيگناهه برطرف ڪري نوڪريون ختم ڪري ڇڏيون هيون .

هنن چيو تھ  ٽي مهينا گذري وڃڻ باوجود برطرف ڪيل ملازم کي بحال نه ڪيو ويو آهي  جنهن ڪري  هنن  مجبور ٿي اڳوڻي پي ڊي اسڪارپ خلاف بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي آهي .

مظاهرين چيو تھ  نوڪري مان غير قانوني طريقي سان ڪڍيل ملازمن کي بحال ڪيو وڃي   ۽ نان ڪيڊر ۽ جونئير ملازمن جا پروموشن رد ڪيا وڃن.

هنن چيو تھ  سينارٽي جي بنياد تي ملازمن جا پروموشن ڪيا وڃن  ۽ رشوت عيوض ڪيل پروموشن رد ڪيا وڃن .

مظاهرين چيو تھ اڳوڻي پي ڊي اسڪارپ پنهنجي دور ۾ چار ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جيڪا ڪرپشن ڪئي آهي ان جي انڪوائري ڪرائي لٽيل ناڻو واپس ڪرايو وڃي .

هنن چتاءُ ڏنو ته جيستائين برطرف ملازمن کي بحال نه ڪيو ويندو   تيستائين هنن جي   علامتي  بک هڙتال جاري رهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے