23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز |کهڙا: ڳوٺ سخيراڻو واسي نينگر پراسرار نموني گم، ڳولا ۾ مدد جي اپيل

کهڙا ويجهو ڳوٺ سخيراڻو واسي نينگر پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي.

ڳوٺ سخيراڻو واسي  13 ورهين جو نينگر رزاق اڄڻ پراسرارنموني گم ٿي ويو آهي، وارثن جي ڳولا باوجود  نينگر جو ڪوبھ ڏس پتو نھ پئجي سگهيو آهي.

گم ٿي ويل نينگر جي پيءُ  واڌل اڄڻ عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته سندس پٽ 6 ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي.

هن چيو تھ تمام گهڻي ڳولا باوجود سندس ڪوبھ ڏس پتو نھ پئجي سگهيو آهي.

نينگر جي والد کهڙا پوليس کان مطالبو  ڪيو تھ  سندس پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے