22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز |بدين : پاڪ فوج ۽ پوليس طرفان شهيدن جي وارثن کي تحفا ڏنا ويا

بدين  ۾  پاڪ فوج ۽ پوليس طرفان شهيدن جي وارثن کي تحفا ڏنا ويا .

پاڪستان آرمي جي برگيڊيئر 206 بدين الياس ايوبي ، ڪرنل بٽالين 821 ڪرنل عبدالباقي ، ايس ايس پي بدين حسن سردار نيازي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون بدين ڊاڪٽر علي نواز ڀوت ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو بدين ڪيپٽن (ر) بلال شاهد رائو پاڪستان آرمي خيبر ايجنسي ۾ 22 آڪٽوبر 2014 ۾ شهيد ٿيندڙ جوان محمد اسماعيل سومرو جي وارثن کي تحفا ڏنا ويا .

آپريشن الميزان 9 آگسٽ 2012 ۾ شهيد ٿيندڙ جوان عبدالجميل گاڏائي جي والدين کي پاڪ آرمي،ڊپٽي ڪمشنر بدين ۽ پوليس کاتي جي طرفان شهيدن جي والدين کي 6 سيپٽمبر يوم دفاع جي حوالي سان گفٽ ڏنا ويا.

ان موقعي تي برگيڊيئر 206 پاڪ آرمي بدين شهيدن جي والدين سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي خاطر جن جوانن پنهنجي جانين جون قربانيون ڏئي ملڪ جو دفاع ڪيو آهي انهن شهيدن جي قربانين کي وساري نٿو سگھجي.

هن چيو ته پاڪستان آرمي چيف جرنل قمر جاويد باجوا پاڪستان جي دفاع لاءِ شهيد ٿيندڙن جي والدين لاءِ تحفا موڪليا آهن.

شهيدن جي والدين چيو ته  هو  شهيد پٽن  جي قرباني تي فخڙ محسوس ڪن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے