23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: مسو ڀرڳڙي : صحت مرڪز علائقي واسين لاءِ بي لاڀ، دوائن جي بجيٽ بند

Masoo Bhurgiri: Budget for medicines closed, Health condition *مسوڀرڳڙي جو صحت مرڪز علائقي واسين لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي، صحت مرڪز گزريل 4 چئن مهينن کان بغير ميڊيڪل آفيسر هلڻ لڳو .

صحت  مرڪز انتظامي  لاپرواهي سبب علائقي واسين کي ڪو به لاڀ نه ڏئي سگهيو،  صحت کاتي حيدرآباد،  ڊاڪٽر جي  پوسٽ خالي هئڻ ڪري دوائن جي بجيٽ بند ڪري ڇڏي آهي جنهن ڪري آيل مريض  سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

صحت مرڪز ۾   ڪيترائي ڀيرا سول جج، اي سي ۽ ٻيا عملدار ڇاپا هڻي چڪا آهن پر ڪوبھ کڙ تيل ناهي نڪتو.

ان موقعي تي بصر مينگهواڙ، رفيق احمد،  مسمات صڀائي  ۽ ٻين عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو تھ گذريل چئن مهينن کان اسپتال ۾ ڪوبھ ڊاڪٽر مقرر ناهي ڪيو ويو جنهن ڪري هو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو تھ  صحت مرڪز  ۾   ٽي ميل  ۽ ٽي فيميل ڊاڪٽر  مقرر ڪري ڏينهن رات اسپتال جي  سروس شروع ڪئي وڃي ته جيئن علائقي واسين کي صحت جون سهولتون ميسر تي سگهن……

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے