22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نئين قومي مالياتي ڪميشن جوڙڻ لاءِ ناڻي واري وزير جو چئني وڏن وزير کي خط

Letters to the Chief Minister of Finance for the newly formed National Financial Commissionاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر  نئين قومي مالياتي ڪميشن(اين ايف سي) جوڙڻ لاءِ چئني صوبن جي وڏن وزير کي خط لکي ڇڏيو. ناڻي واري وفاقي وزير طرفان پنجاب جي وڏي وزير، عثمان بوزدار، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان کي پڻ خط لکيو ويو آهي. خط جي متن موجب نائين قومي مالياتي ڪميشن ۾ قانوسازي جي ضرورت آهي ۽ آئين جي آرٽيڪل 160 جي تحت 5 سالن جي عرصي ۾ اين ايف سي ايوارڊ جو انعقاد ضروري آهي. ياد رهي ته وفاقي ناڻي واري وزير ۽ صوبائي ناڻي وارا وزير قانوني طور تي اين ايف سي ايوارڊ جا ميمبر آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے