20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: ميهڙ: زرعي زمين جي تڪرار تان لاشاري ۽ سولنگي برادري ۾ جهيڙو،  7 ڄڻا زخمي

Mehar: Fight between Lashari and Solangi community on Agricultural water*ميهڙ  ويجهو زرعي زمين جي تڪرار تان لاشاري ۽ سولنگي برادري ۾ جهيڙي سبب لاشاري برادري جا 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

 فريدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ سوجهرو ميرواڻي ۾ زرعي زمين تان لاشاري ۽ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين  ۾ جهيڙو ٿي پيو.

 سولنگي برادري جي هٿياربندن  حملو ڪري  لاشاري برادري جي 7 ڄڻن کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ ضمير لاشاري، علي گل  ،  عبدالله لاشاري ، صداقت ، دادن ، دلشاد ۽  محرم لاشاري شامل آھن.

 زخمين کي فوري طور  تي وارثن کڻائي تعلقه اسپتال ميهڙ  پهچايو جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

ان موقعي تي حافظ اعجاز لاشاري ۽ ٻين احتجاج ڪرڻ کان پوءِ الزام هڻندي چيو تھ سولنگي برادري جي هٿيار بند جوابدارن مختيار ، لياقت  ۽ ٻين زرعي زمين جي تڪرار تان حملو  ڪيو.

هن چيو تھ هٿياربندن فائرنگ ڪري  سندن 7 ماڻھن کي زخمي  ڪيو  آھي.

احتجاج ڪندڙن چيو تھ واقعي بابت ايس ايس پي دادو کي آگاهه ڪيو آهي ،  پر پوليس هن وقت تائين جوابدارن خلاف ڪابھ ڪارروائي نھ ڪئي آهي.

هنن الزام هنيو تھ  فريدآباد  ٿاڻي جي  وڏي  منشي  ليٽر جاري ڪرڻ لاءِ  20  هزار  رشوت وٺڻ کان پوءِ ليٽر جاري ڪيو.

هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽِس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري پوليس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chamber

نيوز | چمبڙ: ايس ايس پي پاران مختلف امام بارگاهن جو دورو ڪيو

چمبڙ ۾ عاشوري واري ڏينهن سڪيورٽي جي جائزي لاءِ ايس ايس پي ٽي ٽنڊوالهيار مختلف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے