24 سومر , سيپٽمبر 2018

جاويد حنيف جي ضمانت واري درخواست ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران نيب اختيارين کي جوابدارن جي وڪيل کي سمورا دستاويز فراهم ڪرڻ جو حڪم

Javed Hanif's verdict in Sindh High Court order directive to NAB officials ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي سنڌ اسمبلي جي ميمبر جاويد حنيف جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي دوران نيب اختيارين کي جوابدار جي وڪيل کي سمورا دستاويز فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 24 سپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.تفصيل موجب ايم ڪيو ايم  سنڌ اسمبلي جي ميمبر جاويد حنيف جي ضمانت واري درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. ان موقعي تي نيب اختيارين عدالت ۾ موقف اختيار  ڪيو ته جوابدار جاويد حنيف تي ڪرپشن، اختيارين جو ناجائز استعمال ڪرڻ جا الزام آهن، جوابدار وزير جي حيثيت سان پورٽس اينڊ شپنگ ۾ 940 غيرقانوني ڀرتيون ڪيون جنهن سان قومي ناڻي کي 2 ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان پهتو. جوابدار جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته جاويد حنيف جي گرفتاري غيرقانوني آهي ۽ چيئرمين نيب واضح ڪيو هو ته چونڊ اميدوار کي گرفتار نه ڪيو ويندو. جنهن تي عدالت سوال ڪيو ته ڪهڙا جوابدار آهن جيڪي گرفتاري کان اڳ ضمانت گهري رهيا آهن؟ نيب جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جوابدار خلاف ريفرنس اسلام آباد موڪلي ڇڏيو آهي، جيڪو جلد داخل ٿي ويندو ۽ جڏهن ريفرنس اچي ويندو ته پوءِ  ضمانت واري درخواست تي دليل ڏينداسين. جنهن تي عدالت رمارڪس ڏنا ته سمورن جوابدارن جي ضمانتن واري درخواستون ايندڙ ٻڌڻي تي هڪ ئي وقت ٻڌنداسين. سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب اختيارين کي جوابدارن جي وڪيل کي سمورا دستاويز فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 24 سپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف طرفان سنڌ ۾ نئون تنظيمي ڍانچو جوڙڻ جو فيصلو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سنڌ ۾ نئون تنظيمي ڍانچو جوڙڻ جو فيصلو ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے