25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڀارت خلاف ميچ جو الڳ دٻاءُ هوندو آهي: فخر زمان

The match against India is a different kind of pressure: Fakhar Zamanلاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر فخر زمان چيو آهي ته ڀارت خلاف ميچ جو الڳ دٻاءُ هوندو آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فخر زمان چيو ته اهو چوڻ غلط هوندو ته پاڪ-ڀارت ميچ ۾ دٻاءُ نه  هوندو ڇاڪاڻ ته ڀارت خلاف ميچ ۾ الڳ دٻاءُ هوندو آهي، ميچ ۾ ڀارتي بالرن تي پڻ تمام گهڻو دٻاءُ هوندو. هن چيو ته ڀارت ورلڊ ڪلاس سائيڊ آهي ۽ ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڪو فرق نه پوندو. محمد حفيظ کي ايشيا ڪپ لاءِ اعلانيل اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ واري معاملي تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪندي فخر زمان چيو ته ان معاملي تي نٿو ڳالهائي سگهان، اهو سليڪشن ڪميٽي جو ڪم آهي، تبصرا ريٽائرمنٽ بعد ئي ڪندس. ياد رهي ته ايشيا ڪپ هلندڙ مهيني جي 15 هين تاريخ کان دبئي ۾ شروع ٿي رهيو آهي جنهن ۾ پاڪستان، ڀارت، سريلنڪا، بنگلاديشن ۽ افغانستان جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن جڏهن ته ايونٽ ۾ راويتي مخالف پاڪ-ڀارت جو مقابلو 19 سپٽمبر تي رٿيل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

National Conference seeks to issue the NOC for participating in the Afghan Premier League

قومي ڪرڪيٽرن طرفان افغان پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جو مطالبو

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽرن افغان پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ نو آبجيڪشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے