23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ميرپورخاص: مال پڙيءَ مان واپارين کان  مبينا ڦر ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

Mirpurkhas: Police finally arrested the thief*ميرپورخاص  ويجهو مال پڙيءَ مان واپارين کان  مبينا ڦر ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

  سنڌڙي پوليس اسٽيشن جي حد مان ٽي ڏينهن  اڳ  مال پڙي مان مال جي واپارين کان مبينا ڦر ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري خلاف عنايت شر جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

ان موقعي تي متاثر واپاري عنايت شر  احتجاج ڪندي ٻڌايو تھ سنڌڙي جي پڙي مان  موٽر سائڪلن سوارن  پنجن جوابدارن کائنس هٿيارن جي زور تي ڦر ڪئي.

 هن الزام هڻندي چيو تھ ڏوهارين  علي گل شر ۽ علي محمد شر  ۽ ٻين    کائنس هٿيارن جي زور تي هڪ لک ويهه هزار رپيا ڦر ڪيا.

متاثر چيو تھ   بروقت سنڌڙي  پوليس کي اطلاع ڏنو پر  پوليس ڪابھ  ڪارروائي نه ڪئي.

 هنن چيو ته واقعي جو اطلاع  سنڌڙي پوليس کي ڏنو آهي  پر  ٽي ڏينهن  گذرڻ باوجود  جوابدار گرفتار نھ ٿي سگهيا آهن.

 متاثر واپاري ڊي آئي جي ميرپورخاص کان گهر ڪئي تھ  ڦر ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور  گرفتار ڪري ڦر ڪيل رقم واپس ڏياري وڃي…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے