20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٽنڊو غلام حيدر:  معصوم ٻارڙي گهر  ڀرسان وهندڙ واٽر ۾ ڪري ٻڏي فوت

Tandoghulam Hyder: Innocent child died by drowning in water*ٽنڊي غلام حيدر  ويجهو معصوم ٻارڙي گهرن  ڀرسان وهندڙ واٽر ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي وئي.

ڳوٺ گل محمد بوھڙ ۾ 6 سالن جي معصوم ٻارڙي پروين ڌيءُ مختيار بوھڙ راند ڪندي گهرن ڀرسان وهندڙ واٽر ۾ اوچتو ڪري پئي.

نينگري کي بيهوشيءَ واري حالت ۾  ٽنڊو غلام حيدر  اسپتال نيو ويو پر هن رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

معصوم ٻارڙي جو لاش گهر پهچڻ   تي  ڪهرام مچي ويو امڙ کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا.

نينگري  جي مڙھ کي سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chamber

نيوز | چمبڙ: ايس ايس پي پاران مختلف امام بارگاهن جو دورو ڪيو

چمبڙ ۾ عاشوري واري ڏينهن سڪيورٽي جي جائزي لاءِ ايس ايس پي ٽي ٽنڊوالهيار مختلف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے