19 اربع , سيپٽمبر 2018

پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي ننڍي چونڊ وڙهڻ جي آڇ ٿي آهي: فاروق ستار

There is a need to contest the elections in the PTI: Farooq Sattarڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ننڍي چونڊ وڙهڻ جي آڇ ٿي آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران ڊاڪٽر فاروق ستار نئين چونڊل صدر عارف علوي کي واڌيون ڏيندي چيو ته اين اي 247 تان عارف علوي کٽي ويو ۽ مونکي هارايو ويو، هاڻ اميد آهي ته عارف علوي ڪراچي جي بهتري لاءِ ڪم ڪندو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي شهري علائقن جي اهم ترين پارٽي، سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ ايم ڪيو ايم جو اهم ڪردار رهيو آهي، سنڌ جو گورنر پي ٽي آءِ  ۽ ايم ڪيو ايم جي اتحاد کي قائم رکڻ لاءِ  قدم کڻي. سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي فيصلن ۾ مونکي شامل نه ڪيو ويو يا پاڻ شامل نه ٿئس پر دلڪشتون ناهيان ٿيو جڏهن ته علي رضا عابدي رابطا ڪميٽي کان دلڪشتون ٿي استعفيٰ ڏئي ڇڏي، اڃان به وقت آهي کيس پرچائڻ گهرجي ۽ ايم ڪيو ايم ڪيل غلطين جو پورائو ڪري، ايم ڪيو ايم اهڙو مشاورتي عمل قائم ڪري جيڪو صحيح فيصلا ڪري. فاروق ستار انڪشاف ڪيو ته تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي عارف علوي جي سيٽ تي ننڍي چونڊ وڙهڻ جي آڇ ٿي آهي، پي ٽي آءِ جي گڏيل دوستن ننڍي چونڊ وڙهڻ جي دعوت ڏني آهي پر ڪڏهن به ايم ڪيو ايم ڇڏي ڪنهن ٻي سياسي پارٽي ۾ شامل ناهيان ٿيو. شرجيل ميمڻ واري واقعي بابت سوال تي تي هن چيو ته شراب جي بوتلن ۾ ماکي ۽ زيتون جو تيل ڪٿان آيو؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے