21 جمعو , سيپٽمبر 2018

پاڪستان جو صدر ۽ ان جا اختيار

عبدالله فاروقي

ڇا پاڪستان کي واقعي به هڪ صدر جي ضرورت آهي؟ پاڪستان ۾ ڪالهه اڱاري ڏينهن 4 سيپٽمبر 2018 تي ملڪ جي 13هين صدر جي چونڊ ٿي چڪي آهي، جيڪا پي ٽي آءِ جي اميدوار عارف علويءَ کٽي ورتي آهي، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ مخالف ڌر جو مولانا فضل الرحمان ۽ پ پ جو اعتزاز احسن صدارتي چونڊ هارائي چڪا آهن. پاڪستان جي آئين ۾ 18هين ترميم کان پوءِ صدر مملڪت جا اختيار خاصا محدود ٿي ويا آهن. سو صدر مملڪت جي چونڊ جي موقعي تي اهو بحث به هلي رهيو آهي ته صدر جا آخر اختيار ڪهڙا آهن ۽ صدر جو عهدو ملڪ لاءِ ڇو ضروري آهي. اها به تجويز پيش ڪئي پئي وڃي ته صدر جي عهدي کي ختم ڪري ڪروڙين رپين جو ساليانو خرچ بچايو وڃي. ان حوالي سان ڪنهن نتيجي تي پهچڻ کان اڳ صدر جي اختيارن تي نظر وجهون ٿا.

آئيني طور صدر مملڪت جي پاڪستان ۾ ڪن موقعن تي اهميت تمام وڌي ويندي آهي، مثال طور

*جڏهن قومي اسيمبلي ختم ٿي وڃي يا پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري وٺي ته پوءِ صدر ئي پنهنجي نگراني ۾ عام چونڊون ڪرائيندو آهي.

*صدر ڪنهن به اهڙي سڄي جي سڄي قانون کي يا ان جي ڪجهه شقن کي نظرثاني لاءِ واپس پارليامينٽ کي موڪلي سگهي ٿو جيڪو ان پارليامينٽ مان منظور ٿي صحيح لاءِ صدر مملڪت وٽ آيل هجي.

*مڙني وفاقي درسگاهن جو چانسلر به صدر مملڪت ئي هوندو آهي.

*صدر پاڪستان پارليامان جي آئيني سال جي شروعات ۾ ان جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندو آهي ۽ رياست جي رهنما اصولن جو يادگيرو ڏيکاريندو آهي.

*صدر پاڪستان وٽ سزا ماڻيل مجرمن کي معاف ڪرڻ يا سزائن کي گهٽ ۽ رد ڪرڻ جو اختيار هوندو آهي.

هڪ عام تاثر اهو آهي ته 18هين ترميم کان پوءِ صدر قومي اسيمبلي کي برطرف ڪرڻ جو حق وڃائي ويٺو آهي، جڏهن ته اهو حق هاڻي به ان وٽ ئي آهي، البت اهو ڪم هو هاڻي پاڻ مرادو نه پر وزيراعظم جي درخواست تي ڪري سگهي ٿو. سو هاڻي به قومي اسيمبلي صدر مملڪت جي حڪم سان برطرف ٿي سگهي ٿو.

*صدر پاڪستان ملڪي فوج جو علامتي اعليٰ سپهه سالار آهي، 18هين ترميم کان پوءِ صدر فوجي سربراهن جي مقرري وزيراعظم جي مشوري موجب ڪرڻ جو پابند آهي ۽ هو فوج متعلق سڌوسنئون ڪي به حڪم جاري نٿو ڪري سگهي.

*مختلف ملڪن مان ايندڙ سربراهن جي ميزباني ڪرڻ به رياست طرفان صدر جو اختيار هوندو آهي.

هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا صدر پاڪستان جو عهدو ضروري آهي؟ صدر پاڪستان جي عهدي جي ضرورت جي باري ۾ وڪيل برادري ۽ استاد ته چٽا آهن البت عوام ان معاملي ۾ ٻڏتر جو شڪار آهي.

ڪن جو خيال آهي ته جيڪڏهن ان عهدي وٽ ڪي اختيار ناهن ته ان کي ختم ڪري صدر جي آفيس مان بچيل پيسن کي تعليم تي خرچ ڪيو وڃي. ڪنهن جي راءِ آهي ته پارلياماني حڪومتي نظام کي 70 سال آزمائڻ کان پوءِ هاڻي صدارتي نظام جو به تجربو ٿيڻ گهرجي. جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته مڪمل اختيارن سان ان عهدي کي برقرار رهڻ گهرجي نه ڪي ڪنهن علامتي عهدي طور.

جڏهن ته اڳوڻي جج ۽ سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل شاهه خاور سمجهي ٿو ته صدر جو عهدو انتهائي لازمي آهي ۽ ان کي رڳو خرچ بچائڻ لاءِ يا علامتي عهدي هئڻ سبب ختم نٿو ڪري سگهجي، سندس موجب ڪن موقعن تي انهن عهدن جي اهميت وڌي ويندي آهي، اڃا به چئجي ته اڻٽر ٿي ويندي آهي.

ٻئي پاسي قائداعظم يونيورسٽي جي سياسيات ۽ عالمي لاڳاپن جي شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر عائشه يونس موجب پاڪستان ۾ صدر جو عهدو علامتي هئڻ باوجود به اهميت جوڳو آهي ۽ ان سان عالمي سطح تي شناخت واضح ڪئي ويندي آهي پر پوءِ به ان عهدي کي ختم ڪرڻ ناممڪن به ناهي. جيڪڏهن پارليامينٽ سمجهي ٿي ته اهڙي آئيني ترميم آڻڻ گهرجي ۽ صدر جي آفيس کي ختم ڪرڻ گهرجي ان جو آئيني رستو موجود آهي.

ڊاڪٽر عائشه يونس سمجهي ٿي ته تاريخي لحاظ کان پاڪستان ۾ جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ يا ان کي پٽڙي تان لاهڻ ٻنهي ۾ صدر پاڪستان جو وڏو اهم ڪردار رهيو آهي. ڊاڪٽر عائشه يونس موجب برطانيا سميت ترقي يافتا ملڪن ۾ هاڻي به اهو بحث هلندڙ آهي ته ايوان صدر جي خرچن ۾ گهٽتائي آندي وڃي ۽ ان ڏس ۾ اپاءَ به ورتا پيا وڃن، جڏهن ته شاهه خاور سمجهي ٿو ته خرچن ۾ گهٽتائي جو احساس پاڪستان جي ايوان صدر تي به لاڳو ڪري سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے