23 آچر , سيپٽمبر 2018

اپوزيشن جي ويڙهه ۾ ڪامياب ٿيندڙ صدرعارف علوي

مصطفيٰ جمالي

پاڪستان ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان وٺي صدارتي عهدي تي اپوزيشن جي جماعتن جون  ڳالهيون ته هليون پر اهي ڳالهيون پنهنجي آخري منزل تائين پچهي نه سگهيون. ڇو ته اپوزيشن ۾ ويٺل آصف علي زادري اعتزاز احسن جي نالي تي گوڏو کوڙي ويهي رهيو ۽ ٻئي پاسي اپوزيشن ۾ ويٺل پاڪستان مسلم ليگ ن اڳواڻ شهباز شريف مولانا فضل الرحمان جي نالي تان تر جيترو به پوئتي نه هٽيو ۽ ٻنهي اپوزيشن جماعتن ۾ هلندڙ تڪرار جو آخري نتيجو اهو نڪتو جو هر پارٽي پاران پنهنجي پنهنجي اميدوار کي صدارتي چونڊ لاءِ ميدان تي لاٿو. ميان شهباز شريف اپوزيشن پاران پاڪستان مسلم ليگ ن طرفان مولانا فضل الرحمان کي ووٽ ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي سامهون آندو ته ٻئي پاڪستان پيپلزپارٽي پاران اعتزاز احسن کي صدارتي چونڊ لاءِ اميدوارطور پيش ڪيو ۽ ٽئين پاسي پاڪستان جي حڪومت جماعت پنهنجي مضبوط اميدوار عارف علوي کي ٻنهي اپوزيشن اميدوارن جي ڀيٽ ۾ هڪ مضبوط اميدوار طور مقابلي ۾ آندو ويو.

شروع ۾ ته اهو ئي محسوس ٿي رهيو ته جيڪڏهن اپوزيشن جماعتون متحد ٿي ڪري مولانا فضل الرحمان ۽ اعتزازاحسن جي نالن مان ڪنهن  هڪ نالي تي اتفاق ڪن ٿيون ته پوءِ شايد پاڪستان تحريڪ انصاف لاءِ صدارتي چونڊ ۾ ڏکيايون پيش اچن پر اپوزيشن جي ويڙهه مان پي ٽي آءِ خوب فائدو ورتو ۽ صدر جي عهدي لاءِ عارف علوي کي ڪامياب ڪرايو.پر اتي هڪ اهم پهلو اهو به آهي ته جتي پاڪستان پيپلزپارٽي کي مولانا فضل الرحمان جي صدر ٿيڻ تي اعتراض هو ته اتيُ پاڪستان مسلم ليگ ن کي وري اعتزازاحسن تي اعتراض هو. پر ائين به ته ٿي سگهيو ٿي ته جيڪڏهن صدر واري عهدي جي لاءِ پ پ پ هار مڃڻ لاءِ ڪو تيار نه هئي ته اتي شهباز شريف پنهنجي هار مڃي وٺي ها ڇو ته اپوزيشن جماعتن جو ڪم ئي اهو هوندو آهي ته ڪهڙي حال ۾ بس حڪومت ڪمزور رهي پر شهباز شريف ائين نه ڪيو ۽ مولانا واري نالي تي ٽڪ ٻڌي ويٺو رهيو پر آخر ڇو.؟

ڇا شهباز شريف کي اها خبر هئي ته اسانجو اميدوار حڪمران ڌر سان ڪڏهن به اتحاد نه ڪندو پر ان جاءِ تي اعتزاز احسن پي ٽي آءِ سان اتحاد ڪري وٺندو ۽ سندس ووٽ هروڀرو ضايع ٿي ويندو. انهيءَ ڪري پاڪستان مسلم ليگ ن انهيءَ ڳالهه کي ترجيح ڏني ته ڀلي عمران خان جو ئي صدر ٿئي پر اپوزيشن ۾ ويهي ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي سان ڪهڙي به حال ۾ ٺاهه ناهي ڪرڻو. انهيءَ ڪري هنن پاڪستان پيپلزپارٽي کان پنهنجو رستو ڌار ڪيو ۽ جيڪڏهن پاڪستان پيلزپارٽي جي ڳالهه ڪجي ته انهيءَ جي باري ۾ به ڪجهه حلقا چئي رهيا آهن ته پارٽي ڪو چيئرمين آصف علي زرادي تي اندورني طور دٻاءُ هو ته هو ڪهڙي به حال ۾ اپوزيشن سان ٺاهه نه ڪري ۽ اپوزيشن کي اعتزازاحسن واري ڏنل نالي تان نه ڦري. انڪري مان سمجهان ٿو ته انهن سمورين ڳالهين مان هڪڙي ڳالهه ته صاف ظاهر آهي ته جهڙي ريت پاڪستان تحريڪ انصاف وڏي ليڊ سان حڪومت ۾ آئي ۽ پاڪستان ۾ هڪ مضبوط حڪومت جو تصور آندو ان مان اهو صاف ظاهر هوُ ته اپوزيشن پارٽيون لک ڪوششون ڪن پر اهي پنهنجي مرَضي جو صدر نه ٿيون آڻي سگهن،انهيءَ ڪري جو هتي حڪومت جي هر دور اندر ان جو پنهنجو پنهنجو سڪو هلندو آهي جيڪو هن واري عمران خان جي پاسي هليو.

ڪالهه صدارتي چونڊ شروع ٿيڻ کان پهرين ئي عارف علوي ميڊيا کي بيان ڏنو ۽ پريس ڪانفرنس ڪئي انهيءَ مان ئي لڳي رهيو هوُ ته عارف علوي هڪ اميدوار طور تي پريس ڪانفرنس نه ڪري رهيو آهي پر هڪ صدر جي حيثيت سان ميڊيا کي بيان ڏئي رهيو آهي سندس انداز ۽ لهجو اهو صاف ٻڌائي رهيو ته کيس پڪ آهي ته پاڪستان جو ٿيندڙ صدر پاڻ ئي آهي باقي ٻيون سڀ ڳالهيون ۽ قصا پراڻا آهن جيڪي صرف فارميلٽي پوري ڪرڻ لاءِ ڪيا پيا وڃن.

عارف علويءَ پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو ته صدارتي چونڊ شفاف ٿي رهي آهي ڪنهن تي ڪو دٻاءُ ناهي جڏهن ته پاڪستان واسين کي جلد خوشخبري ملندي ته ٿيندڙ سندن صدر عارف علوي آهي.جڏهن ته ان کان پهرين پاڪستان تحريڪ انصاف جي وزيرخارجه شاهه محمود قريشي به پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته اپوزيشن ايتري مضبوط ئي ناهي جو اسانکي صدارتي اليڪشن ۾ هارائي سگهي ۽ اها هڪ اپوزيشن جي هل هنگامي واري ايجنڊا هئي جيڪا به مڪمل طور ناڪام وئي آهي. هن اهو به چيو ته صدر جي عهدي لاءِ عارف علوي هڪ بهترين اميدوار آهي ۽ پاڪستان جو عوام عارف علوي مان پوريون پوريون اميدون رکي، عارف علوي صدر جي عهدي تي رهي کين ڪڏهن به مايوس نه ڪندو.

ڪالهه اليڪشن ڪميشن جي پنج رڪني بئنچ جي اڳواڻي ۾ صدارتي چونڊ شروع ٿي  جڏهن پولنگ اسٽيشن ۽ بليٽ پيپرن جو ڪم صبح کان ئي ان ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته ايوان ۾ ٽوٽل ميمبر 11سئو 74 هئا جڏهن ته ڪجهه تڪ اهڙا به هئا جن تي چونڊ ملتوي ٿي هئي، ان ڪري انهن تڪن جا اميدوار صدارتي چونڊ ۾ نه اچي سگهيا هئا. جڏهن ته ووٽ ڏيندڙ ميمبرن جو ڪل تعداد 11سئو 21 هئو جڏهن ته صدارتي اليڪشن لاءِ آرٽيڪل 4 استعمال ڪيو ويو هو جنهن ۾ صدارتي عهديدار جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 45سال هجڻ لازمي آهي پاڪستان جي سمورن صوبن مان اميدوارن ووٽ ڪيا جن ۾ بلوچستان ۾ 56اميدوارجڏهن ته ڪي پي ڪي 124 اهڙي طرح سنڌ اسيمبلي مان ٽوٽل 168اميدوار ووٽ ڏيڻ جا اهل هئا ۽ پنجاب مان ٽوٽل 371اميدوار ووٽ ڏيڻ جا اهل هئا ووٽن جي حساب سان صدارتي اليڪشن لاءِ اميدوار صبح سوير ئي پهچي ويا هئا.صدارتي اليڪشن لاءِ  آئين ۾ واضح ڪيل آهي ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ جا سمورا ميمبر هڪ هڪ ووٽ ڏيندا پر چئني صوبن جي صوبائي اسميبلي جا ووٽ ملڪ ۾ موجود اميدوارن جي تعداد جي لحاظ کان پاڪستان جي سڀ کان ننڍي اسميبلي بلوچستان جي ميمبرن جي تعداد برابر تصور ڪيو ويندو.

مثال طور بلوچستان جي اسميبلي ۾ ميمبرن جو تعداد 65 آهي ته باقي صوبن جا ووٽر به 65ئي هوندا.انهيءَ ڪري اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊ ۾ اهو طريقو استعمال ڪيو.بهرحال پاڪستان ۾ رهيل صدارتي چونڊ به ٿي وئي ۽ عارف علوي صدر ٿي ويو.

عارف علوي ان دوران هڪ ڳالهه ڪئي جيڪا مان سمجهان ٿو ته ملڪ جي عوام لاءِ تمام گهڻي اهم آهي هن چيو ته هو عوام کي اٽو لٽو ۽ اجهو ڏيندو هيُ اهي لفظ آهن جيڪي پاڪستان جي چوٿين صدر جناب ذوالفقار علي ڀٽو چيا هئا، ذوالفقار علي ڀٽي 1971جي جنگ کانپوءِ پاڪستان کي ٽڪڙن مان ڪڍي ڪري هڪ مضبوط  ۽ هڪ نئون ملڪ بڻايو انهيءَ ڪري جناب ڀٽو کي(باباءِ آئين)سڏيو ويندو آهي ۽ جناب ڀٽي جون جيڪڏهن ڪاوشون ۽ ڪوششون لکجن تي مان سمجهان ته هن ناقص عقل واري وٽ ايترا لفظ ئي ناهن.پر هن وقت  جي پاڪستان تي نظر وجهون ته وزيراعظم به تحريڪ انصاف جو آهي ۽ صدر به سندس ئي چونڊجي ويو آهي جڏهن ته انکان پهرين تحريڪ انصاف تبديلي جو نعرو ته هڻي ئي ڇڏيو آهي ۽ اصل امتحان تحريڪ انصاف جو هاڻ شروع ٿيندو جنهن ۾ کيس عوام کي رليف ڏيڻو آهي ۽ پاڪستان تان قرض لاهڻو آهي ۽ ٻيا به لکين بنيادي مسئلا آهن جيڪي کيس ئي حل ڪرڻا آهن انڪري هاڻ ڏسون ته صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي ڪهڙي طرف وٺي ٿا وڃن  .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے