18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سنڌ جي نياڻيءَ فرزانا جمالي سان انصاف ٿيڻ گهرجي!

وزير علي جمالي

نياڻي، جنهن کي سنڌ جي معاشري ۾ ستَ قرآن سمجهيو ويندو هو، نياڻيون ميڙ ڪري وٺي وڃڻ تي قبيلا ۽ برادريون سوين سال پراڻا پلاند ۽ جهيڙا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري کير کنڊ ٿي ويندا هئا، اڄ به سنڌ جي اڻ سڌريل، ڄٽ ۽ اڻ پڙهيل سمجهيو ويندڙ ٻهراڙين جي علائقن ۾ ننگن ۽ ونين تي مڙس سرَ ڏئي قربان ٿي ويندا آهن ۽  ويڙها ويران ڪرڻ قبول ڪندا پر عزتن ۽ عصمتن تي هٿ کڻڻ وارن کي بخش ناهن ڪندا. هن معاشري کي اسان ڪهڙي طرف وٺي وڃي رهيا آهيون، ڇا وحشتون ۽ درندگي جا هي داستان سنڌ سونهاري جي ڌرتيءَ تي اڳ ڏسڻ ۾ آيا، سنڌ جيڪا ولين، درويشن، بزرگن، شاعرن، سُگهڙن جي ڌرتي سڏي ويندي آهي ان ڌرتيءَ مٿان ڪجهه عرصي کان نياڻين خلاف جيڪو رڻ ٻاريو ويو آهي اهو سمجهه کان ٻاهر آهي، ڪارو ڪاري جي ڪُڌي رسم ۾ هزارين بي گناهه  عزت ماب مائرن، ڌيئرن  ۽ ڀيڻن کي غيرت ۽ بدلي جي انتقام جي باهه جي نذر ڪرڻ، قبيلائي جهيڙن جي جرڳن ۾ نياڻين جي  زندگين کي سڱ چٽي جي نالي تي برباد ڪرڻ توڙي پسند جي شادي ڪندڙ جوڙن جون حياتيون زهر بڻائيندڙ هن معاشري ۾ هاڻي تعليم جي مقدس درسگاهن ۾ پڙهندڙ نياڻين خلاف انتهائي نيچ حرڪتن ذريعي بدنام ڪرڻ ۽ سندن عزتن کي نيلام ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.

بقول شاهه سائين جي “ ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾”  اڃان ڪالهوڪي ڳالهه آهي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ نائلا رند پنهنجي عصمت کي بچائڻ خاطر ڦاهي تي چڙهي تاريخ رقم ڪئي هئي، لاڙڪاڻي ۾ معصوم عاصمه جروار کي ريپ  بعد قتل ڪيو ويو. هي هڪ ٻه واقعا جيڪي رپورٽ ٿي ڪجهه ڏينهن اندر گم ٿيا ويا پر اڄ به سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ اهڙا بگهڙ موجود آهن جيڪي خوبصورت هرڻين جهڙين نياڻين جي لڄن تي حملا ۽ هنن جي زندگين کي تباهه ڪرڻ لاءِ هر وقت تاڪ ۾ ويٺل آهن.

بينظير يونيورسٽي جيڪا شهيد راڻي سنڌ ۾ گذريل ڏهاڪو سالن کان اڇي ڪاري جي مالڪ بڻيل پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ چيئرپرسن هئي جنهن سموري حياتي آمرن سان ويڙهه ڪندي گذاري ۽ عورتن، معاشري جي پيڙيل طبقي لاءِ آواز اُٿاريو ان جي نالي تي بڻيل هن يونيورسٽي  ۾ انگلش ڊپارٽمنٽ جي آخري سال ۾ پڙهندڙ  ڳوٺ وسايو جمالي سان تعلق رکندڙ شاگردياڻي فرزانا جماليءَ کي هراس ڪرڻ وارو ڪيس جيڪو هن وقت سنڌي پرنٽ ميڊيا ۾ ٽاپ اسٽوري بڻيل آهي ان واقعي کان پوءِ سنڌ جي درسگاهن ۾ پڙهندڙ نياڻيون ۽ سندن والدين سڪتي ۾ ورتل آهن،

مون اڳ ۾ به پنهنجي ڪالمن ۾ ذڪر ڪيو آهي ته سنڌ جيڪا اڳئي تعليمي ميدان خاص طور تي نياڻين جي تعليم ۾ صفا پوئتي آهي ان صوبي جي درسگاهن ۾ معصوم نياڻين خلاف انسانن جي شڪل ۾ موجوده بگهڙن طرفان هن قسم جي واقعن کان پوءِ ڪوبه شريف ماڻهون پنهنجي نياڻيءَ کي داخل ڪرائڻ کان اڳ ۾ سئو ڀيرا سوچيندو، نياڻيون جيڪي تمام نازڪ هونديون آهن جن جي اکين ۾ هزارين خواب سجايل هوندا آهن، هو جيڪي پنهنجي جهور والدين جو سهارو بڻجڻ ۽ معاشري ۾ پنهنجو مقام بڻائڻ جا سُنهري خواب اکين ۾ سجائي هنن درسگاهن جو رُخ ڪن ٿيون انهن نياڻين خلاف سنڌ جي درسگاهن ۾ موجوده درنده صفت ماڻهوءَ جيڪي ڏوهه ۽ سازشون ڪن پيا ۽ کين بليڪ ميل ڪري هنن جي عزتن ۽ عصمتن ۾ اکيون وجهن ٿا تن کي جيڪڏهن اڄ سزا نٿي ملي ته پوءِ شايد اسان پٿر جي دور ۾ رهندڙ قوم ليکيا وينداسين پر ڪنهن به ترقي يافته معاشري ۽ مهذب قومن ۾  اسان جو شمار نه ٿيندو.

الميو اهو آهي ته ههڙن واقعن جو شڪار ٿيندڙ  وڏي انگ ۾ ڇوڪريون پاڻ سان ٿيندڙ اهڙي ويدن کان والدين ۽ ميڊيا کي آگاهه ناهن ڪنديون ڇو ته اسان جو معاشرو جنهن ۾ هڪ ڇوڪري ۽ عورت جو مقام تمام گهڻو حساس آهي جتي بنا ڪنهن ڏوهه جي به ڇوڪري کي قصور وار قرار ڏنو ويندو آهي ڀلي کڻي ان خلاف ٿيندڙ ڪنهن به جرم ۾ مرد قصوروار هجي ان جو سبب اهو آهي ته هي هڪ مرداڻو معاشرو آهي اڄ به ڪنهن ڇوڪري کي يونيورسٽي ۾ داخل ڪرڻ يا نوڪري ڪرڻ کي عيب سمجيهو ويندو آهي . اهڙي حالت ۾ شابس هجي ادي فرزانا جمالي کي جنهن پاڻ سان ٿيندڙ ورتاءُ ۽ بدسلوڪي کي ميڊيا ۾ آندو، پڪ سان هن اهو قدم وڏي تڪليف ۽ پيڙاءُ برداشت ڪرڻ کان پوءِ کنيو هوندو، هن کي ڪئين هراس ڪيو ويو، ڪهڙي طرح سان هن کي ذهني ٽارچر ڪيو ويو ۽ هن اها پيڙا ڪيئن برداشت ڪئي اهو درد هن کان سواءِ ٻيو ڪير به سمجهي نٿو سگهي.

معاشري جي منافقت ۽ انتظاميه جي انڌير نگري جي حالت ڏسو جو ظلم جو شڪار نياڻي کي انصاف ڏيڻ بدران ههڙي هاڃي خلاف دانهيندڙ سندس والد  اعجاز جمالي کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي جيل اماڻيو ويو، نياڻي جيڪا لڙڪن ۽ سڏڪن ۾ صحافين کي پنهنجي دردن جو داستان ٻڌائي رهي هئي ان مٿان تهمتون لڳايون ويون ۽ کيس بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، يونيورسٽي جو وي سي چوي ٿو ته ”عظيم پيشي سان تعلق رکندڙ اُستادن جي تذليل ڪئي وئي آهي جنهن خلاف احتجاج ڪنداسين“ کلِ جهڙي ڳالهه آهي جو پيغمبري پيشي سان تعلق رکندڙ اُستاد پاران نياڻيءَ کي هراس ڪرڻ واري ان درنده صفت استاد ۽ سندس ساٿارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران وي سي الٽو ان کي بچائڻ لاءِ هن قسم جا بيان ڏئي رهيو آهي.

اُستاد هجي يا مدرسي جو مولوي انهن جي اهڙي انسانيت سوز عمل جي مذمت ڪرڻ بدران انهن جي پٺڀرائي ڪرڻ ۽ سندس حمايت ۾ پهرين صفن ۾ بيهڻ خود اُستادن جي پيشي تي هڪ ڪارو داغ آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته انتظاميه فوري طور تي متاثره نياڻي وٽ پهچي هن سان ٿيل واقعي جي مڪمل معلومات وٺي واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف جاچ ڪري انهن کي خود قانون جي حوالي ڪري ها پر هتي ته قانون جا محافظ بڻيل ادارا نياڻيءَ کي انصاف ڏيڻ بدران جوابدارن سان ٻُٽ بڻيل آهن.

فرزانا جمالي جي بقول ته اي ايس پي ۽ پوليس انتظاميه جو ساڻس رويو انتهائي سرد مهري وارو رهيو، ڏوهاري ڌُر کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ بدران منهنجي پيءُ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري کيس جيل اُماڻيو ويو، هاڻي اڳتي نه پڙهنديس پر انصاف لاءِ هر فورم تي آواز اُٿارينديس ته جيئن ڪنهن ٻي نياڻيءَ سان مون جهڙو ورتاءُ نه ٿئي فرزانا جي تعليم اڌوري رهجي ويندي، هن سان ٿيندڙ ظلم جو ازالو ڪير ڪندو، سنڌ حڪومت، گورنر سنڌ ان معاملي جو نوٽيس ورتو آهي پر حيرت ۽ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪراچيءَ مان چونڊيل ايم پي اي حليم عادل شيخ نواب شاهه پهچي نياڻي جي مٿي تي هٿ رکي داد رسي جو يقين ڏياري ٿو پر ضلعي مان چونڊيل اڳوڻو صدر توڙي ڪنهن به حڪومتي نمائندي پاران متاثر نياڻيءَ جي مٿي تي هٿ رکڻ ته ٺهيو پر ڪو بيان به هن وقت تائين ناهي آيو، نه ئي وري سنڌ حڪومت جي سُڌ سماءُ واري کاتي پاران هن اشو ته ڪا پريس رليز جاري ڪئي وئي آهي جنهن مان پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت جي بي حسيءَ ۽ لاپرواهيءَ جي ڀلي ڀت خبر پوي ٿي،

خود پيپلزپارٽي جي حڪومت ۽ قيادت جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي، جنهن جو ازالو هو فرزانا جمالي کي انصاف ۽ واقعي ۾ ملوث درنده صفت استاد ۽ سندس سرپرست يونيورسٽي انتظاميه خلاف قدم کڻي ڪري سگهن ٿا.

اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن سنڌ جي نياڻين کي تعليم جي زيور سان سينگارڻ ۽ معاشري کي هڪ پڙهيل لکيل ماءُ، ڀيڻ، زال ۽ ڌيءَ جو انعام ڏيڻو آهي ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ موجود بگهڙ نما انسانيت جي مٿان داغ بڻيل وحشي درندن ۽ سندس ساٿارين خلاف موئـثر قدم کڻي هنن جي منهن تي پاتل مهذب ۽ تهذيب جو نقاب لاهڻ سان گڏ کين قانون جي پڪڙ ۾ آڻي سزا ڏيڻي پوندي نه ته سنڌ ۾ ڪا بينظير، ڪا بختاور ۽ ڪا آصفه محفوظ نه رهندي ۽ اسان واپس يورپ جي اونداهي ۽ پٿر جي دور ۾ هليا وينداسين.

سنڌ جو ڪوبه پيءَ پنهنجي نياڻين کي مافيا جي وَر چڙهيل ۽ درنده صفت انتظاميه جي حوالي ڪونه ڪندو ۽ اسان جون نياڻيون تعليم جهڙي زيور کان محروم رهجي وينديون جيڪو سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ تمام وڏو الميو هوندو. فرزانا رڳو اعجاز جمالي جي ڌيءُ ناهي، هوءِ اسان سڀني جي ڀيڻ آهي، ان کي انصاف ڏيارڻ خاطر سنڌ جي هر ڀاءُ ۽ پيءُ کي اڳتي وڌڻو پوندو، سوشل ميڊيا، پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي طاقت کي استعمال ڪرڻو پوندو، سنڌ ۾ ڪارو ڪاري، تيزاب گردي ۽ جرڳا سسٽم ۾ سڱ چٽي جو شڪار ٿيندڙ عورتن ۽ ڇوڪرين کي انصاف ڏيارڻ خاطر آواز اُٿاريندڙ اين جي اوز کي هراسمنيٽ جي واقعن خلاف به آواز اُٿاري ههڙن ڪڌي ڪرتوتن ۾ ملوث ماڻهن کي وائکو ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو تڏهن ئي اسان پنهنجي نياڻين کي محفوظ مستقبل ۽ معاشري کي سڌريل قومن جي برابر آڻي سگهنداسين..!

هي به ڏسي سگهو ٿا

قرآن جي سائنس پاڻي کي اسٽور ڪرڻ کان روڪي ٿي

عزيزالله  ٻوهيو هن ڳالهه جو ثبوت قرآن منجهان ملي ٿو ته پاڻيءَ کي ڊيم ٺاهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے