23 آچر , سيپٽمبر 2018

سنڌ جي تعليمي صورتحال

حسين آزاد ميمڻ

جيڪڏهن معاشرو علم ۽ تعليم يافته  آهي ته ان جا اثر انساني زندگي تي بهتر پون ٿا۽ معاشري ۾ رهندڙ هر فرد  کي  سڪون ۽ سهنج مهيا ٿئي ٿو ،  پر جيڪڏهن معاشرو جهالت جي جهولي ۾ هوندو ته ان معاشري جا فرد  ترقي ته ڪو نه ڪري سگهندا پرانهن جي زندگي  بي سڪون بي چين ۽ انتشار واري  ڪيفيت  ۾ رهي ٿي   ، اڪثر ڪري انساني سماج ، نفسياتي بيمارين ۽ انتشار جو شڪار ٿي ويندو آهي ، ان کان سواء سڀ کان وڌيڪ نقصان رياست کي پوي ٿو ، جيڪو  جديد ٽيڪنيڪل ذهنن جو نه تيار ٿيڻ جي صورت ۾، نئين  ۽ جديد مشينن جو نه تيار ٿيئڻ جي صورت ۾  سهڻو پوندو آهي ، جنهن سان بهتر زراعت توڙي بهترصنعتڪاري يا واپار وغيره ۾ نه ترقي ٿي سگهي ٿي نه ئي قوم جي گذر سفر لاءِ ڪي جوڳا قدم کڻي سگهجن ٿا ، دنيا جي ملڪن جي بهترين حڪمرانن جي پهري اوليت تعليم يا علم کي وڌائڻ طرف هوندي آهي،  ڇاڪاڻ انهن جي سوچ ۾ عوام تعليم يافته هئڻ جي صورت ۾ سندن گورننس بهتر طريقي سان ڪري سگهجي ٿي ۽ ماڻهو علم ۽ تعليم جي بنياد تي پنهنجو روزگار پاڻ ڪري سگهن ٿا يا حڪمرانن جي بهتر پاليسين لاءِ سفارشون ڪري پاڻ ان تي عمل ڪندي آئيندي لاءِ پراعتماد ٿي ويندا آهن ، دنيا جا ترقي يافته  ملڪ پنهنجي  وسيلن آهر آبادي جي  وڌڻ جي رٿا بندي ڪندا آهن يا ان بنياد تي معاشي طور واپار ، زراعت ، صنعت  لاءِ نون يا جديد طريقن جو پيدا ڪرڻ هوندو آهي. سڀ کان وڌيڪ فائدو تعليم يافته معاشري يا ملڪن ۾ اهو هوندو آهي ته عام ماڻهو پنهنجي قوم يا وطن لاءِ بهتر حڪمران چونڊڻ ۾ ڪامياب ويندا آهن ، جيڪي انهن جي مستقبل لاءِ بهتر پاليسون ٺاهڻ ۾ مدد ڪندا آهن ۽ اها قوم ايندڙ  سال نه پرصدين جي رٿابندي ۽ پاليسي ٺاهيندي نظر ايندي آهي . جنهن ڪري اهي ننڍي مدي واري (شارٽ ڪٽ) رٿابندين کي گهٽ پر وڏي مدي واري (لانگ ٽرم) رٿابندين  ڪرڻ  کي اوليت ڏيندا آهن . اسان وٽ دنيا جا ڪيترا ئي مثال آهن جن علم جي ڳولا خاطر پنهجون ننڊون ختم ڪيون آهن آمريڪا جيڪو سڀ کان پوءِ ڳولي لڌو ويو ۽ ان ٿوري وقت ۾ ترقي ڪري دنيا جو سپر پاور بڻجي ويو آهي اهو صرف علم ۽ تعليم جي ڪري ٿيو ٻيو جاپان کي ڪيترائي ماحولي طور خطرا آهن ۽ کيس آمريڪا طرفان 1945ع ۾ ايٽم بمن سان تباھ ڪيو ويو پر هن پاڻ کي واپس آڻڻ لاءِ تعليم ۽ علم تي انحصار ڪيو جيڪو جلدي ٻيهر ترقي يافته ٿي ويو آهي .

بنگلاديش اسان کان 1971ع جي جنگ ۾ الڳ ٿيو جنهن کي به ڪيترن ئي موسمي طوفان ، ٻوڏن جو منهن ڏسڻو پوندو آهي پر پوءِ سندس تعليمي ريشو 75 سيڪڙو آهي اتي اسان جي ملڪ پاڪستان جو ريشو 58 سيڪڙو ٻڌايو وڃي ٿو اسان جي ڀر ۾ هڪ ٻيٽ تي ملڪ سريلنڪا آهي جنهن جو تعليمي ريشو 96.3 سيڪڙو آهي جيڪو آمريڪا جي تعليمي ريشي کان به وڌيڪ آهي . پر  اسان  جي سنڌ جي تعليمي صورتحال  45 سيڪڙو لٽريسي ريشو ٻڌايو ٿو وڃي ، جنهن ۾ شهري آبادي ڪراچي به اچي وڃي ٿي . جنهن مان ظاهر آهي ته حڪمران سنڌ جي تعليم لاءِ سنجيده نه آهن .  جنهن جو وڏو سبب اهيو آهي ته جيڪي سنڌ تي حڪمراني ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو ويٺا آهن اهي سنڌي قوم کي اڻ پڙهيل ۽ جاهل رکڻ گهرن ٿا ، ڇو جو سندن حڪمراني ڪرڻ وارو مفاد سنڌي عوام جي جهالت ۾ آهي ، هو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن سنڌي قوم آمريڪن قوم يا جاپان ، برٽش قوم وانگي تعليم يافته ٿي وئي ته ،اسان جي هڪ به نه هلندي ۽ اسان کي گس هلندي اهي گاڏين مان ڦٽو ڪري جيلن ۾ واڙي ڇڏيندا ، جنهن ڪري اهي پنهنجي  موروثي حڪمراني ڪرڻ جو ٺيڪو ان ۾ سمجهن ٿا ته اسان جي قوم جاهل هجي ۽ اسان جي عيبن کي ڏسندي به اسان تي فدا فدا ٿين ۽ اسان جي حق ۾ تاڙيون هڻن، ڇو جو سندن طرز حڪمراني جمهوريت جي آڙ ۾ جاگيرداري واري آهي ، جنهن ۾ ادارن جي طاقتور هئڻ جي بجاءِ علائقي ڀوتار جي طاقت غالب هوندي آهي ،  جنهن طرز جو سج دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان لهي چڪو آهي ،

هن وقت سنڌ جي تعليم جي صورتحال تازو هڪ آيل اخبار جي خبر مان پوي ٿي جنهن تازي جنرل اليڪشن 2018ع ۾ چونڊجي آيل حڪمران ڌر جي تعليم وزير محترم سردار شاھ کي ڏني وئي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  5 هزار اسڪول بند آهن ، 12500 اسڪول زبون حالت ۾ آهن ، 7 هزار اسڪول بنا عمارت جي هلن ٿا ،  سنڌ جي اسڪولن ۾ 43 سيڪڙو  پاڻي جي کوٽ آهي ، 55 سيڪڙو اسڪولن ۾ بجلي نه آهي 37 سيڪڙو اسڪولن ۾ واش روم نه آهن 39 سيڪڙو اسڪولن ۾ بائونڊري وال نه آهي ، سيڪنڊري جي هڪ هزار اسڪولن ۾ ۽ هائير سيڪنڊري جي 158 اسڪولن ۾ لائبرري جي سهولت نه آهي . ان کان سواءِ ليبارٽري سامان ۽ ٻين گهربل شين يعني فرنيچر وغيره جي کوٽ گهڻي آهي . هي اسان جي ڪجهھ  تعليم کاتي جواسڪولن جي باري ۾ اسٽرڪچر ٻڌايو پيو وڃي ، پر اڃا ان کان سواءِ ٻيو گهڻو ڪجهھ آهي جنهنڪري اسان جي تعليم ڏينهن به ڏينهن تباھ ٿيندي وڃي ٿي ، جنهن ۾ استادن جوتعليم طرف عدم توجھه ۽ جديد بنياد تي جوڙيل ڪورسن لاءِ ٽرننگ نه ٿيئڻ  جو مسئلو ، استادن جو ميرٽ تي ڀرتي  نه ٿيڻ جو مسئلو ، ۽ استادن جي کوٽ وغيره تعليم جي مقابلي واري ميدان ۾ وڏي رنڊڪ بڻيل آهن ، هن وقت به سيڪنڊري اسڪولن جي ليول ۾ هڪ استاد جي اڳيان 80 شاگرد ويٺل هوندا آهن جن کي هو پڙهائي رهيو هوندو آهن ان صورتحال ۾ استاد ڪهڙو اڪٽيوٽي بيس تي شاگردن کي پڙهائي سگهندو يا انهن کي فيسيليٽ ڪري سگهندو .  هاڻي اسان کي اهو سوچڻو آهي ته جنهن  پارٽي جي سرڪار هن کان اڳ ۾ 10 سال حمڪمراني ڪئي آهي ۽ تعليم کاتي ۾ تعليم کي سڌارڻ لاءِ 2 سال اڳ ايمرجنسي به لڳائي هئي ان جو سڌارو مٿي ڄاڻايل صورتحال تي اچي پهتو آهي ته پوءِ مستقبل ۾ ڇا ٿيندو ، ان جو اندازو گذريل ڪارگذاري ئي ڪافي آهي ،  اسان جي سنڌ تعليم جي حوالي سان  افغانسان جي تعليم جي ريشي کان به ڪرندي پئي وڃي جنهن جو لٽريسي ريشو 39 سيڪڙو آهي ، جيڪو ملڪ هن وقت انتشار ۽ جنگ جي حالت ۾ آهي پر اسان وٽ سواءِ پنهنجن جي ڪيل رڪارڊ ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جي ٻي ڪا به اهڙي صورتحال نه آهي جنهن ڪري اسين ان بحران مان ٻاهر نڪري نه سگهون اصل ڳالھه نيت جي آهي ، جيڪڏهن حڪمرانن  جي نيت عوام جي ڀلي لاءِ ڪري ڪم ڪن ته ، سنڌ ٿوري وقت ۾ تعليم يافته ٿي سگهي ٿي ، سنڌي قوم لاءِ نه پنهنجا نه ڌاريا ڪا بهتري چاهين ٿا جنهن جو نتيجو سنڌي  هاري ، مزدور، ۽ غريب ماڻهو جو اولاد  ڀوڳي رهيو آهي . تنهن ڪري نئين آيل حڪمران ڌر کي اپيل آهي ته سنڌ جي تعليم کي سڌارڻ لاءِ قدم کڻي سنڌ جي تهذيب جي لڃ رکي  وڃي . ۽ نئين سر رٿابندي ڪري سنڌ کي اڃ جي تعليمي بحران مان ڪڍيو وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے