19 اربع , سيپٽمبر 2018

بابر اعواڻ پارلياماني معاملن جي صلاحڪار واري عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي

Babar Awan resigns from a consultative tradition of parliamentary mattersاسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بابر اعواڻ پارلياماني معاملن جي صلاحڪار واري عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي. رپورٽن موجب ننديپور پاور پروجيڪٽ ۾ نالو اچڻ بعد بابر اعواڻ جاچ ۾ سهڪار لاءِ پارلياماني معاملن جي صلاحڪار واري عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي،  هن پنهنجي استعفيٰ وزيراعظم عمران خان ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بابر اعواڻ چيو ته نيب ريفرنس جي الزامن کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ منهنجو قانون دان طور عهدي تي رهڻ مناسب عمل ناهي،  قانون جي بالادستي جي شروعات پنهنجي ذات کان ڪري رهيو آهيان،  ڪرسي سان چنبڙيل رهڻ بجاءِ استعفيٰ ڪپتان کي موڪلي ڇڏي آهي ته جيئن عدالت ۾ ڄمي پنهنجي بي گناهي ثابت ڪري سگهان.وزير اعظم جي خاص مددگار افتخار دراني چيو ته وزيراعظم بابر اعواڻ طرفان عهدي کان ڌار ٿيڻ واري فيصلي جي تعريف ڪئي آهي، بابر اعواڻ ننديپور ڪيس ۾ جاچ تائين عهدي کان ڌار رهندو ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ بعد هو ٻيهر پنهنجو عهدو سنڀاليندو. ياد رهي ته هننديپور پاور پروجيڪٽ جي تڪميل ۾ دير تي بابر اعواڻ ۽ پرويز اشرف خلاف نيب ريفرنس قائم ڪيو ويو آهي، ريفرنس موجب سمورن جوابدارن جي غفلط سبب ننديپور پاور پروجيڪٽ ۾ دير ٿي جنهن جي نتيجي ۾ قومي ناڻي کي 27 ارب رپين جو نقصان پهتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي اصل منزل اڊيالا جيل ئي آهي: فيصل جاويد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل جاويد چيو آهي ته نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے