23 آچر , سيپٽمبر 2018

جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس: سپريم ڪورٽ پاران جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم

Counterfeit Bank Account: Order order of Supreme Courtاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس جي جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم(جي آءِ ٽي) جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنج جعلي بئنڪ اڪائونٽن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي ڊي جي ايف آءِ اي، انور مجيد ۽ آصف علي زرداري جا وڪيل عدالت ۾پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران انور مجيد فيملي جي وڪيل شاهد حامد ۽ اعتزاز احسن جي آءِ ٽي جوڙڻ خلاف دليل ڏنا جنهن بعد عدالت جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو جن جي ميمبر جي نالن جو اعلان بعد ڪيو ويندو. چيف جسٽس چيو ته اسان جي آءِ ٽي جوڙي رهيا آهيون جيڪا هر 15 هين ڏينهن رپورٽ ڏيندي جڏهن ته سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي کي رينجرز جي سيڪيورٽي ڏيڻ جو پڻ حڪم ڏنو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ بيان ريڪارڊ ڪرائيندي ٻڌايو ته ايف آءِ اي اومني گروپ ڪراچي جي آفيس تي ڇاپو هنيو جنهن دوران ڪام ڪرائون ڪمپني دبئي جا دستاويز مليا جنهن بعد ڪمپني جي دبئي واري آفيس تي ڇاپو هنيو ته بيشمار پرڏيهي ڪرنسي اڪائونٽن جو ريڪارڊ هٿ لڳو. ڊي جي ايف آءِ اي ٻڌايو ته دبئي ڪمپني مان ملندڙ اڪائونٽ پڻ انهن جي خاندان(انور مجيد) جا آهن . پيسا انگلينڊ ۽ فرانس پڻ موڪليا ويا. ڊي جي ايف آءِ اي موجب ڇاپي دوران ڪيتريون ئي هارڊ ويئر ڊرائيوز پڻ مليون آهن جن ۾ تمام گهڻي ڊيٽا آهي، ان موقعي تي جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان وٽ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ان ڊيٽا کي چيڪ ڪري سگهن جنهن تي بشير ميمڻ چيو ته اسان جو سائيبر ڪرائم ونگ ان تي ڪم ڪري رهيو آهي ڊيٽا تمام گهڻي آهي. چيف جسٽس پاڪستان رمارڪس ڏنا ته ان معاملي تي اسان کي جي آءِ ٽي جوڙڻ گهرجي ۽ جسٽس اعجاز الاحسن سوال ڪيو ته جي آءِ ٽي جوڙڻ تي ڪنهن کي اعتراض ته ناهن؟ چيف جسٽس چيو ته ڪنهن کي ڪهڙو اعتراض هوندو، جوابدارن کي ته ڪلين چٽ ملڻ گهرجي ان معاملي سان جوابدارن جو ته واسطو ئي ناهي ان موقعي ته انور مجيد جي وڪيل شاهد حامد چيو ته اسان جي آءِ ٽي بابت درخواست ڏئي ڇڏي آهي ان کي ڏسي وٺو. چيف جسٽس ان موقعي تي چيو ته وڏي وزير جي انور مجيد سان ڳالهه ٻولهه پڻ موجود آهي، چيو ويو ته انور مجيد وڏي وزير جي گهر وڃي رهي، توهان چئو ته رهڻ ڏيون، اسان ڪيس کي پنجاب منتقل ڪري ڇڏيون ٿا. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار وڪيل سان مڪالمي دوران چيو ته اسان جعلي اڪائونٽن جي اڳ ڪيل جاچ بجاءِ جي آءِ ٽي کان جاچ ڪرائي وٺون ٿا، 35 ارب رپين جي فراڊ جو معاملو آهي، شفاف جاچ چاهيون ٿا. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اسان وڌيڪ جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏيون ٿا، قوم جو به بنيادي حق آهي ته سندن لٽيل پيسو واپس آندو وڃي.ان موقعي تي ته انور مجيد فيملي جي وڪيل چيو ته ڪيس ۾ سياسي ماڻهن جي شموليت سان اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته جيئن ڪرپش ڪئي وئي، هر ٻڌڻي بعد ميڊيا تي پٽڪا لاٿا ويندا آهن، جاچ اداري کي عدالت ڪيئن چئي سگهي ٿي ته هيئن جاچ ڪيو ۽ هيئن نه. وڪيل شاهد حامد چيف جسٽس سان مڪالمي ۾ چيو ته توهان جو اهڙو ڪهڙو حق آهي جو آئين ۾ آهي ۽ پائمال ڪيو پيو وڃي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته آئين ۾ عدالت کي اختيار حاصل آهي هو ڪنهن به قسم جي جاچ ڪرائي سگهي ٿي، ڪا به اهڙي قانوني رڪاوٽ ٻڌايو ته جنهن جي بنياد تي فراڊ جي جاچ نٿي ڪرائي سگهجي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته هن عدالت ۾ ڊرائيور، مالهين ۽ ننڍن وڏن گهرو ملازمن بيان ڏئي ڇڏيا آهن، ملازمن بيان ڏئي ڇڏيا ڇاڪاڻ جو کين ڄاڻ هئي ته سندن اڪائونٽن ۾ اربين رپيا ڪنهن رکيا آهن، ڄاڻڻ چاهيون ٿا اهي فرشتا ڪير هئا جن انهن اڪائونٽن ۾ اربين رپيا وڌا.وڪيل شاهد حامد چيو ته جاچ ادارا قانون موجب اختيار استعمال ڪن اسان کي ڪو به اعتراض ناهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڇنڊڇاڻ جي ضرورت انڪري آهي ته جيڪڏهن توهان ڪجهه ناهي ڪيو ته ڪلئير ٿي وڃو، 35 ارب رپيا جمع ڪرايو ، سمورا اڪائونٽ کولي ٿا ڇڏيون.ٻڌڻي دوران اعتزاز احسن دليل ڏيندي چيو ته جتي اڳواٽ ئي جاچ ٿي رهي هجي اهو معاملو ٽرائل ڪورٽ ڏانهن موڪليو ويندو آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته بهتر جاچ لاءِ ماهرن جي ٽيم جوڙڻ چاهيون ٿا. اعتزاز احسن چيو ته پاناما واري معاملي ۾نيب سربراهه جاچ کان انڪار ڪيو هو، ايف آءِ اي باصلاحيت ادارو آهي، پاڻ جاچ ڪري سگهي ٿو، جي آءِ ٽي ۾ اهڙن ماڻهن کي شامل نه ڪيو وڃي جن تي جوابدارن کي اعتراض هجن. ان موقعي ته چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي شخص تي ذاتي اعتراض آهي جنهن تي وڪيل اعتزاز احسن چيو ته نجف علي مرزا تي جوابدارن کي ذاتي اعتراض آهي، هڪ جوابدار نجف مرزا تي اڳ ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اعتراض آهي ته نجف مرزا جو نالو جي آءِ ٽي ۾ نٿا وجهون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اتر وزيرستان ۾ شهيد جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اتر وزيرستان ۾ شهيد جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے