26 اربع , سيپٽمبر 2018

اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ اعتزاز کي مقرر ڪيو ويو: شهباز شريف

اسلام آباد ( بيورو ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته صدارتي چونڊ ۾ پ پ اعتزاز احسن جو نالو اسان کي اعتماد وٺڻ کانسواءِ تجويز ڪيو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته اسان جا سمورا اسيمبلي ميمبر مولانا فضل الرحمان کي ووٽ ڏيندا، بهتر آهي ته اڄ مخالف ڌر اميدوار تي متفق ٿي ها اسان خلوص سان مخالف ڌر کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته پ پ به فضل الرحمان جي نالي تي راضي ٿي ها ته مقابلو سٺو هجي ها، پ پ اسان کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ اعتزاز جو نالو تجويز ڪيو. قومي اسيمبليءَ ۾ صحافين شهباز شريف کان سوال ڪيو ته اپوزيشن گڏ ڇو نه ٿي سگهي جنهن تي شهباز شريف چيو ته توهان مخالف ڌر کي گڏ ڪري سگهو ٿا ته ڪيو، هڪ ٻي سوال تي ته توهان جي زرداري صاحب سان ملاقات ٿي ها ته  شايد معاملو حل ٿي وڃي.0430

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيڪٽا جي جائزي لاءِ ڪميٽي قائم، انتهاپسندي خلاف ڊگهي ويڙهه ڪرڻي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد   (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے