22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

شهباز شريف پنجاب کي تباهه ڪري زيادتي ڪئي: پرويز الاهي

لاهور (م ڊ) پنجاب جي وقتي گورنر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته مان فارورڊ بلاڪ خلاف آهيان، اتحادين سان ڪيل واعدا پورا ڪنداسين. پنجاب اسيمبلي آمد تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته صوبي جي عوام سان سڀ کان وڌيڪ زيادتي شهباز شريف ڪئي. هن چيو ته شهباز شريف صوبي جو نظام تباهه ڪيو، اسپتالن جي حالت ڏسو، شهباز شريف چوندو هو ته هي ماڻهو ٺيڪ ناهي، کيس بلوچستان موڪليو، مسلم ليگ ن جو صدر بيٺي بيٺي ماڻهن جي بدلي ڪندو هو. سندس چوڻ هو ته مون کي اميد آهي ته عارف علوي ڪامياب ٿيندو، عمران خان جي 100 ڏينهن جي پلان جو انتظار ڪيو وڃي، اسان پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے