19 اربع , سيپٽمبر 2018

مخالف ڌر جو اتحاد غير فطري آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد ( بيورو ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جمهوريت جو سفر هلندڙ آهي، پارليامينٽ وڌيڪ هڪ ذميواري پوري ڪرڻ وڃي رهي آهي، مخالف ڌر جو اتحاد غير فطري ثابت ٿيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته مخالف ڌر جي اتحاد ۾ نظرياتي هڪ جهڙائي نه هئي،  ڪوشش ڪنداسين ته مخالف ڌر جو ڪردار قبول ڪندي اڳتي وڌون، حڪومت ۾ ايندي ئي ڪيترائي ٽاسڪ ڏٺا. هن چيو ته ڏکيائين کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، غلطي فهمي جو شڪار نه آهيون، اڳتي وڌڻ جو ارادو آهي. سندس چوڻ هو ته اميد آهي ته قوم جي اميدن تي پورو لهنداسين، عمران خان جي سنجيدگي ۽ محنت سامهون آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيترائي ڪابينا جا اجلاس ۽ ٽاسڪ فورس جي جوڙجڪ ڏٺي آهي.0430

هي به ڏسي سگهو ٿا

9 مهينن لاءِ سنڌ جي ساڍن 8 کربن جي بجيٽ، ترقياتي پروگرام ۾ ڪٽوتي، 20 ارب خسارو

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ): سنڌ سرڪار مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن جي 852 ارب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے