21 جمعو , سيپٽمبر 2018

شرجيل ڪيس پنجاب منتقل ڪري سگهون ٿا، خبر آهي، بوتلون ڪنهن تبديل ڪيون: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( م ڊ ) چيف جسٽس پاڪستان ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته خبر آهي ته ڪنهن اسپتال مان مليل نمونا تبديل ڪري ڇڏيا.سپريم ڪورٽ ۾ پئٽروليم سيڙپڪاري ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته منهنجي ڪراچي ۾ سب جيل جي دوري تي وڏو گوڙ ٿيو آهي، ايئن لڳو ڄڻ شرجيل ميمڻ سب جيل نه پر صدارتي سوٽ ۾ رهي رهيو آهي. هن چيو ته خبر ناهي ڪنهن نمونا ورتا، ڪنهن ٽيسٽ ڪرايا، ڪنهن اسپتال مان مليل نمونا تبديل ڪري ڇڏيا، جيڪڏهن مون کي ڪارروائي ڪرڻي هجي ها ته شرجيل ميمڻ کي گرفتار ڪرائي پاڻ نمونا حاصل ڪيان ها. چيف جسٽس چيو ته مون کي خبر پئي ته ضياءَ الدين اسپتال ۾ هڪ صدارتي ڪمرو آهي، جتي اعليٰ قيدي رهندو آهي،  ان اعليٰ قيدي جي راتين جون جيڪي ڳالهيون ٿينديون آهن اها به خبر آهي. هن چيو ته هاڻي کيس پنجاب آڻينداسين، هتي به عدالتون آهن، سنڌ انتظاميه کي سهڪار نه ڪرڻو آهي ته ٻين صوبن ۾ ڪيس هلندا. چيف جسٽس چيو ته ڀڄڻ وارا نه آهيون، فيصلن تي عمل ڪرائڻ  ڄاڻون ٿا.  سپريم ڪورٽ پئٽروليم سيڙپڪاري ڪيس ۾ نيب کان ٽن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. ٻڌڻي شروع ٿي ته وڪيل نجم ڪمال ٻڌايو ته ڊاڪٽر عاصم جي ٺاهن سبب ٻيڻي قيمت ادا ڪرڻي پئي، چيف جسٽس چيو ته سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل آهي، ٻاهر نه ٿو وڃي سگهي، ضياءُ الدين اسپتال به سندس آهي. ڪو شراب پيئي ٿو ته مون کي پرواهه ناهي آئون نه ٿو پيئان، کيس قانون ڏسندو. خبر اٿم سب جيل ۾ ڪير ايندو هو ۽ ڪنهن سان ملندو هو. ڪنهن کي پڪڙڻو آهي، ڪنهن کي ڇڏائڻو آهي اهي ڳالهيون سب جيل ۾ ٿينديون هيون، سيمي جمالي کي ڇا چيو ويندو هو. سڀ خبر آهي. هن چيو ته منهنجي واپسي بعد بوتلن ۾ ماکي ۽ زيتون جو تيل اچي ويو، ڀڄي وڃڻ وارا نه آهيون، آئين جي طاقت جو ڀرپور استعمال ڪنداسين. قانون جي حڪمراني اچي وئي آهي، ان جا مزا وٺو. هن چيو ته اڪثر ڪيسن ۾ نيب ۽ ايف آءِ اي ڌار ڌار جاچ ڪندا آهن، رپورٽ مختلف هوندي آهي، ان جو فائدو ڪير ٿو کڻي. وڏا دماغ انهن اختلافن کي سامهون آڻڻ جي منصوبابندي ڪندا آهن. وائيٽ ڪالر ڪرائيم جا ماهر وڪيل پورو منصوبو جوڙيندا آهن. عدالت پي پي ايل جي ٺيڪي بابت نيب ۽ ايف آءِ اي کان جواب طلب ڪري ورتو آهي ۽ ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.1130

ڪمري مان اصل شراب جون بوتلون مليون : پوليس

ڪراچي(م ڊ) اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي ملازمن وٽان اصلي شراب هٿ ڪيو ويو،  حقيقت تبديل ڪرڻ تي جيل آفيسرن ۽ ڪورٽ پوليس خلاف ڪيس داخل ڪري کين جاچ ۾شامل ڪيو ويو آهي. ڪراچي پوليس شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان اصلي شراب هٿ اچڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. حقيقت تبديل ڪرڻ ۽ تبديلي ڪرڻ جي الزام  جيل اختيارين، ڪورٽ پوليس ۽ ڪجهه لاڳاپيل اختيارين خلاف ڪيس داخل ڪري کين جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.  هڪ اعليٰ پوليس آفيسر موجب چيف جسٽس جي شرجيل ميمڻ جي ڪمري تي ڇاپي دوران حقيقي شراب جون بوتلون هٿ ڪيون ويون،  چيف جسٽس جي ڪمري مان نڪرندي ئي بوتلن کي گم ڪيو ويو.چيف جسٽس جي هدايت ته جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي ٽيم ضياءَ الدين اسپتال پهتي ته پوليس جي دٻاءَ تي شرجيل انعام ميمڻ جي ملازمن ساڳي قسم جي بوتلن ۾ ماکي ۽ زيتون جو تيل وجهي پيش ڪيو. پيش ڪيل بوتلن جون تصويرون به سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون ويون. پوليس جي اعليٰ آفيسر موجب جاچ دوران اسپتال جا سي سي ٽي وي فوٽيجز ضبط ڪيا ويا.  ۽ وڊيو جي مدد سان شرجيل انعام ميمڻ جي هڪ ملازم کي سب جيل جي ڪمري مان شاپنگ بيگ ۾ شراب جون بوتلون کڻي ويندي ڏٺو ويو. بوٽ بيسن ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس ۽ڪيس پراپرٽي ۾ اهي حقيقي بوتلون موجود آهن جن مان 2 دٻا پيڪ آهن. ڪيس کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ اسپتال جا سمورا سي ٽي وي فوٽيجز به ڪيس جو حصو بڻايا ويا آهن.

شرجيل ميمڻ جي رپورٽ شڪي، ٽيمپرنگ ڪئي وئي: چيف سيڪريٽري

اسلام آباد ( م ڊ ) چيف سيڪريٽري سنڌ شرجيل ميمڻ جي رت جي ليبارٽري ٽيسٽ رپورٽ کي شڪي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته لڳي ٿو ته رپورٽ ۾ ٽمپرنگ ٿي آهي، اسان وٽ سب جيل ۽ اسپتال جا سي سي ٽي وي فوٽيج موجود آهن، معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ ڏينداسين. بيان ۾ چيو آهي ته چيف جسٽس چيو ته چيف سيڪريٽري صاحب آئون ته ڪا ماکي جي بوتل نه ڏسي آيو هيس، توهان کيس شڪ جو فائدو ڏئي ڇڏيو. شرجيل ميمڻ به شراب کان انڪار نه ڪيو رڳو اهو چيو ته اهو شراب منهجو نه آهي. هن چيو ته امير ماڻهو کي بيماري جي نالي تي اسپتال منتقل ڪيو ويندو آهي. ڪنهن ٻئي کي سمهاري ايم آر آءِ ڪرايو ويندو آهي .چيف سيڪريٽري صاحب هي سنڌ ۾ ڇاپيو ٿئي، چيف جسٽس چيو ته غير فعال عدالتون ۽ ٽربيونل فعال نه ڪرائي سگهيا ۽ چون ٿا عدليه ڪم نه ٿي ڪري. ٻڌايو اهي ڪير فعال ڪندو؟ چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ۾ عدالتون ۽ ٽربيونل فعال آهن. پنجاب ۾ چئن عدالتن ۾ مقرري ٿيڻي آهي. عدالت ڊرگ ڪورٽ جو جج به ميمبر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته به ميمبر ويهارڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. ميمبر نه اچڻ سبب ڪيس متاثر ٿين ٿا. پنجاب ۾ جج جي پگهار ميمبر کان گهٽ آهي. ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته ميمبرن جي پگهار چئن لکن کان وڌيڪ آهي. چيف جسٽس چيو ڪمال آهي ويهي پيا کائين. عدالت حڪم ڏنو ته قانون ۾ ترميم ڪري ميمبرن جي مقرري ختم ڪئي وئي. عدالت ڪيس اڪلائي ڇڏيو.1130

انعام اڪبر کي  پيرول تي آزاد ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ۾ سڌسماءِواري کاتي ۾ 5 ارب کان وڌيڪ ڪرپشن ريفرنس ڪيس جي جوابدار انعام اڪبرکي پيرول تي آزاد جي حوالي سان داخل درخواست تي عدالت پوليس رپورٽ ،نئب جي وڪيل ۽ انعام اڪبر جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ  فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي .پوليس رپورٽ جي موجب انعام اڪبر کي جيل قانون موجب پيرول تي آزاد ڪيو ويو ،انعام اڪبر جي نياڻي جي شادي آهي.جڏهن ملڪيت جي حوالي سان نيب انڪوائري ڪري رهي آهي .انعام اڪبر جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن پوليس کي ڪابه شڪايت آهي ته هو نيب ۾ درخواست داخل ڪئي وڃي .

شرجيل ميمڻ تازي واقعي تي ڳالهائڻ کان لنوائي ويو

ڪراچي: پيپلز پارٽي جي ميمبر سنڌ اسيمبلي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته مان پنهنجي مٿان لڳل الزامن تي اڻڌري جاچ جو انتظار ڪندس ان بعد سڀني سوالن جا جواب ڏيندس. سنڌ اسيمبلي ۾ صدارتي چونڊ جي حوالي سان ٿيل پولنگ بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي شرجيل ميمڻ ڪيترن ئي سوالن جا جواب ڏيڻ کان لنوائي ويو. هن کان پڇيو ويو ته توهان تي لڳل الزامن جو ڇا جواب آهي جنهن جي موٽ ۾ هن چيو ته هاڻي هن موقعي تي ڪو به جواب نه ڏيندس اڻڌري انڪوائري جو انتظار ڪندس پوءِ ئي سڀني ڳالهين جو تفصيلي جواب ڏيندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے