19 اربع , سيپٽمبر 2018

بابر اعواڻ، پرويز اشرف خلاف ڪرپشن ريفرنس داخل، وزيراعظم جو صلاحڪار مستعفي

Warah: protesters protest against water shortage for 12 daysاسلام آباد(م ڊ) نيب پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ وزير اعظم جي پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ جي خلاف نندي پور منصوبي ۾ ڪرپشن جي ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي. صلاحڪار عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. قومي احتساب بيورو (نيب) طرفان جاري پڌرائي موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ خلاف نندي پور پاور پروجيڪٽ ۾ دير تي ڪرپشن جو  ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي. نيب موجب اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف کي اڳوڻي پاڻي ۽ بجلي واري وزير طور به بابر اعواڻ سان گڏ ريفرنس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.  نيب راولپنڊي جي آفيسر عاصمه چوڌري احتساب عدالت اسلام آباد ۾ ريفرنس داخل ڪيو. اڳوڻي قانون واري سيڪريٽري مسعود چشتي، جسٽس (ر) رياض کي اڳوڻي قانون واري سيڪريٽري طور، اڳوڻي سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر رياض، اڳوڻي پاڻي ۽ بجلي واري سيڪٽري شاهد رفيق ۽ اڳوڻي ريسرچ ڪنسلٽنٽ شمائلا محمود کي به ريفرنس ۾ جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. نيب موجب سپريم ڪورٽ جي حڪم تي 2011 ۾ نندي پور ڪميشن قائم ڪيو ويو، ڪميشن جي سربراهي رحمت حسين جعفري کي ڏني وئي هئي ۽ ڪميشن کي نندي پور منصوبي جي دير جا سبب ڄاڻڻ جي ذميواري ڏني وئي هئي. نيب اختيارين ٻڌايو ته اقتصادي رابطا ڪميٽي نندي پور پاور پراجيڪٽ جي منظوري ڏني هئي، منصوبي جي منظوري 329 ملين ڊالر جي لاڳت سان ڪئي وئي ۽ منظوري بعد منصوبي جو ڪنٽريڪٽ 28 جنوري 2008  تي ڏنو  ويو، ڪنٽريڪٽ نادرن پاور جنريشن ۽ ڊانگ فينگ اليڪٽرڪ ڪارپوريشن چائنا جي وچ ۾ ٿيو جڏهن ته منصوبي ۾ دير سبب 27 ارب 92 ڪروڙ 49 لک 40 هزار رپين جو نقصان ٿيو. ٻئي پاسي ريفرنس داخل ٿيڻ تي رد عمل ۾ بابر اعواڻ چيو ته 2007 جي مشرف جي قانون واري وزير جي دور ۾ نندي پورمنصوبو آيو، 2012 ۾ منصوبو ڪابينا مان منظور ٿيو، منهنجي وزارت جي 16 مهينن ۾ نه ڪا سمري آئي ۽ نه ئي روڪي وئي. بابر اعواڻ چيو ته رحمت جعفري ڪميشن منهنجو نالو ورتو، الزام هنيو ۽ نه ئي مون کي گهرايو، منهنجي خلاف سموري ڪارروائي 2 ڪارين رڍن جي سياسي مخالفت جي بنياد تي ڪئي، ثبوت ڏيکاريندس.هوڏانهن هٿ سان لکيل استعيفيٰ  ۾ هن چيو ته ڪيس مان ڪلين چٽ وٺي پوءِ  صلاحڪاري سنڀاليندس، ذريعن موجب ريفرنس داخل ٿيڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان بابر اعواڻ کي گهرائي استعيفيٰ گهري جنهن بعد هن استعيفيٰ ڏني.

هي به ڏسي سگهو ٿا

9 مهينن لاءِ سنڌ جي ساڍن 8 کربن جي بجيٽ، ترقياتي پروگرام ۾ ڪٽوتي، 20 ارب خسارو

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ): سنڌ سرڪار مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن جي 852 ارب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے