20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: گھوٽڪي:  پوليس جو ڏوهارين سان مبينا مقابلو، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

Ghotki: Police action against criminals, one criminal injured*گھوٽڪي  ويجهو پوليس  مبينا مقابلي دوران  هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس اوٻاوڙي ڀرسان مبينا  مقابلي دوران  پنجاب جي شھر جمال ديوالي واسي جوابدار شمن عرف يعقوب ميراڻي  کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

   ايس ايڇ او اوٻاوڙو  عبدالمجيد آرائين  رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تھ جوابدار شمن پوليس کي ڪيترن ئي مختلف ڪيسن ۾ گهربل هو جنهن مٿان مختلف ٿاڻن تي خون ، ڦرن ۽ ڌاڙن سميت اغوائن  جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن.

ايس ايڇ او  جو چوڻ هو تھ گرفتار جوابدار وٽان  هڪ بندوق ۽ گوليون هٿ آيون آهن، جڏهن تھ 4 جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.

پوليس موجب زخمي کي علاج لاءِ  اوٻاوڙو اسپتال منتقل ڪيو آهي جڏهن تھ واقعي جو پڻ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے