21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڪراچي: ماڙيپور ۾ چورين ۽ ڦرن جون وارداتون چوٽ چڙھيل

ڪراچي جي علائقي ماڙيپور ۾ چورين ۽ ڦرن جون وارداتون چوٽ چڙھي ويون، جڏهن ته صحافي بشير سنجراڻي جي سالي جي دڪان تان لکين رپين  جي چوري ڪئي وئي .

گذريل رات ماڙيپور گريڪس ۾ سينئير صحافي بشير سنجراڻي جي سالي فيصل نواز جي دڪان ۾ اڻڄاتل چور دڪان جاتالا ٽوڙي 2لکن کان وڌيڪ ايزي پئسا جي رقم، موبائيل فون، موبائل سمون ۽  سڃاڻپ ڪارڊ کڻي سولائي سان فرار ٿي ويا.

واقعي کان پوءِ ماڙيپور پوليس روايتي انداز ۾ پڇا ڳاڇا ڪري ٽٽل تالا پاڻ سان گڏ کڻي وئي،

متاثر دڪاندار فيصل نواز ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھن جي ڪنھن سان به دشمني نه آھي ، جڏهن ته  پوليس جو گشت نه ھئڻ ڪري ٽيون ڀيرو ڦر ۽ چوري جي واردات معمول بڻيل آهي .

ھن آءِ جي سنڌ ۽ اعليٰ اختيارن کي اپيل ڪئي  ته چوري ڪيل رقم واپس ڪرائي جوبدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين انصاف فراھم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات اٺين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-21

*پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سڀاڻي روانو ٿيندو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے