19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |ٽنڊو محمد خان: آصف زرداري تي نيب ۾ داخل ڪرايل ڪيسن خلاف احتجاج

Tando Muhammad Khanٽنڊي محمد خان ۾ اڳوڻي صدرآصف علي زرداري تي نيب ۾ داخل ڪرايل ڪيسن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پ پ جي اڳواڻن رضا محمد خاصخيلي، الهه بخش چوهاڻ، عبدالرحيم عباسي، عبدالله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو .

ان موقعي تي اڳواڻ خطاب ڪندي  چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مٿان  داخل ڪرايل ڪيس  ڪوڙا آهن، جڏهن ته  نواز حڪومت ۾ سياسي انتقامي  تحت داخل ڪيا ويا هئا.

اڳواڻن  چيو ته  آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو ڏئي پنهنجي مخالفن کي سياسي طور ناڪام ڪري ڇڏيو  پر حڪومت کيس بدنام ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري پئي.

هنن چتاءُ ڏنو ته آصف علي زرداري مٿان داخل ڪيس ختم نه ڪيا ويا ته  ٽنڊي محمد خان کان ڀٽ شاهه تائين لانگ مارچ ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dhabeji: Strike by members of JSQM against water shortage

نيوز: ڌاٻيجي: جسقم جي پاڻي کوٽ خلاف علامتي بک هڙتال

*ڌاٻيجي  ۾ پاڻي جي کوٽ ۽  بجلي جي  بندش خلاف جسقم جي سڏ تي  ڪارڪنن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے