19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |ٽنڊو محمد خان: ڳوٺاڻن پاران تپيدار ۽ بااثرن جي ڏاڍاين خلاف احتجاج

Tando Mohammad Khan ٽنڊي محمد خان جي ديهه جيئو تپو احمداڻي ۾ بااثر ماڻهن پاران قبضي ڪرڻ واري عمل خلاف  رهواسين  احتجاجي مظاهرو ڪيو .

دين محمد عرف رحيم بخش، گلزار پٽ دين محمد، منور شيخ  جي اڳواڻي ۾ رهواسين  احتجاجي مظاهرو ڪيو .

ان موقعي تي  هنن الزام مڙهيو  ته  ذاتي زرعي زمين سروي نمبر 271 ۽ 68 تي 14 ايڪڙ 18 گهنٽا ۽ سروي نمبر 139، 258، 259  جملي 7 ايڪڙ 1 گهنٽو بااثر نالي لياقت علي نظاماڻي ، غلام شاهه عرف راجا نظاماڻي روينيو ڊپارٽمنٽ سان ملي ڀڳت ڪري جعلي کاتا ٺهرائي زبردستي قبضو ڪيو آهي،.

هنن چيو ته قبضو ڪندڙ بااثر هئڻ ڪري ضلعي جي روينيو آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري جعلي ڪاغذن ذريعي قبضو ڪيو آهي جنهن خلاف سندن  ڪيتريون ئي درخواستون پڻ جمع ڪرايون آهن پر هنن جي  ڪير ٻڌڻ وارو نه آهي.

رهواسين چيو ته قبضي مافيا احتجاج ڪرڻ تي کين  ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن،

هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، وزيراعظم پاڪستان، آرمي چيف ۽ وزيراعلي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته قبضا مافيا ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري  کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے