21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز |نصيرآباد:پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران ٽائون انتظاميا خلاف ڌرڻو

نصيرآباد  ۾  پاڪستان تحريڪ انصاف پاران  ٻئي ڏينھن به ٽائون انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن رب رکيو اوڍاڻي، آصف ڪاٺئي، رحيم منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڌندڙ حد دخلين، صفائي جي اڻپوري نظام، اسٽريٽ لائيٽ نه ھجڻ ۽ ترقياتي ڪم من پسند گھٽين ۾ ڪرائڻ خلاف ريلي ڪڍي وئي.

ريلي  مختلف رستن کان ٿيندي ٽائون چيئرمين جي آفيس اڳيان پھتي، جتي ڪارڪن ڌرڻو هڻي ويھي رھيا .

ان مقوعي تي  خطاب ڪندي اڳواڻن الزام هنيو ته نصيرآباد شھر لاءِ ماھوار ھڪ ڪروڙ 30 لک رپيا اچن ٿا جيڪي شھرين بجاءِ بااثر سياستدانن جي اوطاقن تي خرچ ڪري رڪارڊ ڪرپشن ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته شھر کي ننڌڻڪو ۽ لاوارث بڻايو ويو آهي.

اڳواڻن چيو ته  شهر ۾  صفائي ۽ اسٽريٽ لائيٽ جو اڻپورو انتظام آھي، سوا لک شھري پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن، جڏهن ته  ٽائون چيئرمين مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته  شھر جا مسئلا حل ڪري عوام جو پئسو عوام مٿان خرچ نه ڪيو ويو  ته  احتجاجي تحريڪ روزاني جي بنياد تي جاري رھندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ghauspur: Tribute to martyrs of Karbala

نيوز: غوثپور:ڪربلا جي شهيدن کي ڀرپور  ڀيٽا پيش

*غوثپور ۾  به سنڌ جي ٻين شهرن جيان ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے