19 اربع , سيپٽمبر 2018

نون رانديگرن کي آزمائڻ چاهيون ٿا: انضمام الحق

لاهور (اسپورٽس نيوز) چيف سليڪٽر انضمام الحق چيو آهي ته ايشيا ڪپ ۾ ڪجهه نون رانديگرن کي آزمائڻ چاهيون ٿا. لاهور  پريس ڪانفرنس ڪندي قومي ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي جي چيف انضمام الحق ايشيا ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته اسان ايشيا ڪپ لاءِ مختلف رانديگرن کي آزمائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تنهن ڪري محمد حفيظ جي جاءِ تي شان مسعود کي ٽئين اوپنر طور کيڏايو ويندو، جڏهن ته ورلڊ ڪپ کان اڳ وڌيڪ تجربا ٿي سگهن ٿا، محمد حفيظ جو ڪيريئر اڃا ختم ناهي ٿيو. هن چيو اسان چاهيون ٿا ته فاسٽ بالرن تي وڌيڪ دٻاءُ نه پئي، دبئي ۾ گرم موسم سبب 6 فاسٽ بالرن کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، عماد وسيم فٽنيس ٽيسٽ ۾ ناڪامي سبب اسڪواڊ ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيو. سندس چوڻ هو ته سرفراز احمد جي چوٿين نمبر تي بيٽنگ بهتر آهي، اميد ته هو ان ۾ وڌيڪ بهتري آڻيندو، ياسر شاهه جي انجريءَ کانپوءِ واپسي ٿي آهي، کيس فارم ۾ اچڻ لاءِ وقت لڳندو. هڪ سوال جي جواب ۾ انضمام الحق چيو ته ڪامران اڪمل سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي پر ٽيم ۾ سندس جاءِ نه پئي ٺهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Swordswriter Zulton Abraham completed 500 goals

سوئيڊش اسٽرائيڪر زلاٽن ابراهمووچ 500 گول مڪمل ڪري ورتا

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) سوئيڊش اسٽرائيڪر لاٽن ابراهمووچ ڪيريئر ۾ 500 گول مڪمل ڪري ورتا، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے