24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز |ٻھارا:گڙدن جي بيماري ۾ ورتل ڪلثم خاصخيلي علاج لاءِ  ميسحا جي منتظر

ٻھارا  ۾ گڙدن جي بيماري سبب بستري تي پيل ڪلثم خاصخيلي کي ڪنهن  ميسحا جي ڳولا ۾ آهي .

ٻھارا شھر جي رهواسي غريب پورهيت سومار خاصخيلي جي گهر واري چار ٻارن جي ماءُ ڪلثم خاصخيلي جا ٻئي گڙدا فيل ٿي ويا آھن.

ان موقعي تي  عورت جي مڙس چيو ته گهرواري  جو  گڙدو تبديل ڪرڻ  لاءِ ڊاڪٽرن صلاح ڏني آهي ، پر هنن وٽ علاج لاءِ پئسا ناهن.

ڪلثوم خاصخيلي عوامي آواز سان ڳالهائيندي وس وارن کان اپيل ڪئي  ته غربت سبب  هو ٻار به پڙھائي نٿا سگهن، جڏهن ته  سندس مڙس پورهيت سومار خاصخيلي بيروزگار آھي .

عورت ، سرندي وارن ۽ حڪومت کي اپيل ڪئي ته هن جو سرڪاري طور تي علاج ڪري سندس زندگي بچائي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے