22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز |ٽنڊو آدم: ميونسپل ڪميٽي اجلاس، چيئرمين خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو اعلان

ٽنڊي آدم ميونسپل جو بجيٽ اجلاس ٻيهر ملتوي ڪرڻ خلاف اپوزيشن ڪائونسلرن اپوزيشن ليڊر جي صدارت ۾ علامتي اجلاس ڪوٺائي چيئرمين خلاف مذمتي قرارداد منظور  ڪندي بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو اعلان  ڪري ڇڏيو .

ٽنڊوآدم ميونسپل جي اعلانيل بجيٽ اجلاس مان پ پ مخالف شهري اتحاد جو چيئرمين مسرور غوري اوچتو غائب ٿي ويو ، جڏهن ته ڪائونسلرن جو وڏو انگ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پهتو.

پ پ سان واڳيل جوڻيجو گروپ ۽  پ پ سينيٽر امام الدين شوقين گروپ جي 18 ڪائونسلرن جي شرڪت بعد ڪورم پورو ٿيڻ جي صورت م اپوزيشن ليڊر حاجي صلح ميمڻ جي صدارت ۾ علامتي اجلاس منعقد ڪيو ويو.

ڪائونسلرن چاچا مرتضى جوڻيجي، راجا ظهور، مظفر جوڻيجي، عبدالسلام ڪوري، راڻا ذوالفقار، انور عباسي، محمد خان مري،غلام مصطفى قريشي، شوڪت عرف شاڪت، ڊاڪٽر خليل ، رابعه بلوچ، نزهت جاويد، ارشد بيبي، ڀڳوان داس سميت ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس  ۾  چيئرمين تي ڇتي تنقيد ڪري مٿس ڪرپشن ۽ اختيارين جي ناجائز استعمال جا الزام هڻندي اتفاق راءِ سان ميونسپل چيئرمين خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪري پ پ قيادت کان چيئرمين جي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو .

اجلاس جي ڪارروائي لکڻ کان انڪارڪرڻ  تي اجلاس ۾ موجود سي ايم او دائود گهانگهرو کي ڪائونسلرن پاران ڇنڊ پٽڻ بعد ڪارروائي اڇي ڪاغذ تي لکي صحيح ۽ ٺپو هڻي سندن حوالي ڪيو.

ڪائونسلرن چاچا غلام مرتضى جوڻيجو جي اڳواڻيءَ ۾ ميونسپل آفيس آڏو احتجاج ڪندي چيئرمين تي ڪروڙين روپيه ڪرپشن جو الزام مڙهيو، سندن چوڻ هو ته ه جيڪي خرچ ظاهر ڪيا ويا اهي بلڪل بوگس آهن، نئين تيار ڪيل بجيٽ پڻ بوگس آهي.

ان موقعي تي غلام مرتضى جوڻيجو چيو ته نااهل ۽ ڪرپٽ چيئرمين خلاف جلد بي اعتمادي جي رٿ آڻي کيس گهر ڀيڙو ڪيو ويندو.

ٻئي طرف سي ايم او پاران بجيٽ اجلاس ملتوي ڪري اجلاس 11 سيپٽمبر تي گهرائڻ لاءِ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

News: Two: Condition of innocence message in Psychiatrist's disease is bad, support appeal

نيوز : ٻهارا: ٿيلسيميا جي بيماري ۾ مبتلا معصوم نياڻي جي حالت خراب، مدد جي اپيل

ٻھارا  ۾  ٿيليسيميا جي بيماري ۾ مبتلا معصوم نياڻي جي حالت خراب ٿيڻ لڳي ، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے