22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز |ٽنڊو باگو: ڪولهي برادري پاران پوليس خلاف ٽئين ڏينهن به  بک هڙتال

ٽنڊي باگو پوليس خلاف ٽئين ڏينهن به  ڪولهي برادري  احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي.

ڳوٺ گلڻ خاصخيلي جي رهواسين ڪولهي برادري جي ماڻهن عورتن ۽ ٻارن سميت نيشنل پريس ڪلب اڳيان ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي

ان موقعي تي سيوجي ڪولهي جيوو ڪولهي آلو ڪولهي نارائڻ ،شريمتي  تني ،اميه، اندري ولمان لڇمي ۽ ٻين  الزام مڙهيو ته پوليس ڌرمون ڪولهي کي شراب جي وڪري ڪرڻ جي الزام جي ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪري ڇڏيو آهي .

هنن ٻڌايو ته ڌرمون ڪولهي کي پوليس نئون آباد مان کنڀي شراب جي بٺي هلائڻ جي ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪري ڇڏيو آهي .

ڪولهي برادري اهو به الزام مڙهيو ته  ٽنڊي باگي شهر ۾منشيات سري عام هلي رهي آهي جنهن خلاف پوليس ڪاروائي ڪرڻ بدران غريب مزدورن کي منشيات جي ڪيسن ۾ ڦاسائي رهي آهي جيڪا ناانصافي آهي.

هنن ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته ملوث  ۽ پوليس جي زيادتين خلاف شفاف جاچ ڪرائي کين تحفظ فراهم  ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

External Affairs Minister Shah Mehmood Qureshi stopped the United States to attend the general assembly meeting

صبح يارنهن وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-09-22

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي  جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو ڀارت، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے