21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڳاڙھو: ڳوٺاڻن پاران پنجن کان سالن اسڪول بند هئڻ خلاف احتجاج

ڳاڙھي ۾ ڳوٺاڻن پاران پنجن کان سالن اسڪول بند هئڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ديھه جهور پاٽار جي ڳوٺ نورمحمد خاصخيلي جو پرائمري اسڪول گذريل پنج سالن کان بند هئڻ خلاف ڳوٺاڻن حاجي نورمحمد خاصخيلي، عبدالشڪور، عبدالرزاق، عبدالڪريم، محمد يوسف، محمد قاسم ۽ ادريس خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ٻارڙن سميت سخت احتجاج ڪيو .

ڳوٺاڻن چيو ته جهور پاٽار جي ڳوٺ نورمحد خاصخيلي جو گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول گذريل پنج سالن کان بند هئڻ سبب ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي .

ڳوٺاڻن ميڊيا آڏو  دانهيو آهي ته هن اسڪول جي ڀرپاسي ۾ ڪيترائي ڳوٺ  آهن جن ۾ احمد عارفاڻي، سڀاڳو خاصخيلي، سومار ڪلمتي، قيصر جت، هاشم جت، امين جت ۽ ٻيا ڳوٺ موجود آهن  جن جا اڍائي سئو کان وڌيڪ ٻارڙا تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم بڻيل آهن.

هنن چيو ته  اسڪول جي بلڊنگ تمام گهڻي  زبون حال ٿي چڪي آهي، نه فرنيچر آهي ۽ نه ئي وري ڪو استاد آهي، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت هڪ ڳوٺاڻي کي ٻارن جي تعليم لاءِ استاد مقرر ڪيو آهي جيڪو بنا معاوضي انهن کي پڙهائي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ghauspur: Tribute to martyrs of Karbala

نيوز: غوثپور:ڪربلا جي شهيدن کي ڀرپور  ڀيٽا پيش

*غوثپور ۾  به سنڌ جي ٻين شهرن جيان ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے