19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |سن: رورل هيلٿ سينٽر مريضن کي دوائون ڏيڻ بدران مدي خارج ڪري اڇلاڻ جو انڪشاف

سن جي رورل هيلٿ سينٽر جون لکن روپين جون سرڪاري دوائون مريضن کي ڏيڻ بدران مدي خارج ڪري اڇلائي ويون.

رورل هيلٿ سينٽر جون لکن روپين  جون  سرڪاري دوائون چار ڪٽن ۾ ڀريل سن ڀرسان پهرين واٽر وٽ سم نالي مان ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

سم نالي ۾ ڪٽن ۾ ڀريل دوائون ڏسي ڳوٺاڻن سن جي صحافين کي اطلاع ڏنو ، ميڊيا جي نمائندن دوائن جا فوٽيجز وٺي ڳوٺاڻن کان تفصيل ورتا.

ڳوٺاڻن محمد عثمان خاصخيلي حضور بخش خاصخيلي، ديدار ، محمد مراد ۽ ٻين  سخت احتجاج ڪندي  ٻڌايو ته رورل هيلٿ سينٽر ۾  هڪ رپئي جي دوا نه ٿي ملي پر دوائون ضايع ٿيڻ وڏي نااهلي آهي .

هنن الزام مڙهيندي چيو ته سن  اسپتال ۾ رٽائر ڊاڪٽر انچارج ڪري رکيو ويو آهي،جيڪي ماڻهن کي دوائون ڏيڻ بجاءِ پرائيوٽ اسٽور جي دوا لکي ڏئي ٿو ، وڏي صفائي سان  دوائون اسٽورن تي وڪري ڪيون وڃن ٿيون.

هنن اعلى اختيارن کان مطالبو ڪيو ته سم نالي ۾ اڇلايل لکن روپين  جون دوائون ضايغ ڪرڻ بابت  اعلى سطح جي جاچ  ڪري ملوث عملدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

رورل هيلٿ سينٽر سن جي انچارج ڊاڪٽر نبي بخش رند رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سم نالو انڊس هاءِ وي روڊ جي ڀر  ۾ آهي ، سرڪاري دوائون ڪنهن سم نالي ۾ اڇليون آهن ان بابت کيس ڪا به ڄاڻ ناهي ، جڏهن ته دوائون  سن اسپتال  جون ناهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

KalabaghDam, MirpurBathoro

نيوز | ميرپور بٺورو: جيئي سنڌ لبرل فرنٽ پاران ڪالاباغ ڊيم خلاف ريلي

ميرپور بٺورو ۾ جيئي سنڌ لبرل فرنٽ ۽ سنڌ اسٽوڊنٽس فرنٽ پاران ڪالاباغ ڊيم سميت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے