19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |غوثپور: 3 ڏينهن اڳ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل ناري جو لاش هٿ نه آيو

غوثپور ۾ پوليس جي نااهلي سبب ڪچي واري علائقي ڳوٺ يار محمد اوڳاهي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ ڀاءُ هٿان قتل ٿيل ڀيڻ جو لاش هٿ نه اچي سگهيو

جوابدار مريد اوڳاهي پنهنجي ڀيڻ تي ڪارنهن تهمت مڙهي قتل ڪرڻ بعد لاش گم ڪري فرار ٿي ويو

پوليس 3 ڏينهن گذرڻ باوجود به مقتولا جو لاش هٿ ڪري ناهي سگهي، جنهن سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال پکڙيل آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولا جا گهر ڀاتي گهر خالي فرار ٿي ويا آهن، جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن

ذريعن موجب پوليس مقتولا جو لاش ڳولها ڪرڻ لاءِ وارثن سان رشوت گهري رهي آهي، جڏهن ته واقعي جو 36 ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ به ڪيس داخل ناهي ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dhabeji: Land occupied by influential

نيوز: ڌاٻيجي: تاريخي ماڳ ڀنڀور تي بااثر ڀوتارن۽ چونڊيل نمائندن  جو قبضو

*ڌاٻيجي ويجهو تاريخي ماڳ ڀنڀور تي بااثر ڀوتارن چونڊيل نمائندن سان ملي ڀڳت ڪري مبينا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے