24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز |جوهي: يوسي ساوڙو بنيادي سهولتن کان وانجهيل

جوهي جي يوسي ساوڙو  هر بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي، جڏهن ته رهواسي جديد دور ۾ به پٿرن واري زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي پيا آهن.

يوسي ساوڙو کي ڪڏهن غلام شاھ جيلاني جي تڪ ۾ ته ڪڏهن وري مراد علي  شاھ جي تڪ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي پر رهواسين جي ڪنهن به سار نه لڌي.

تڪ جا ايم پي اي سنڌ جي واڳ جا ته ڌڻي بڻجي ويا پر يوسي ساوڙو جي تقدير نه بدلائي سگهيا آهن، هي واحد يوسي آهي جتي اڄ به ماڻهو تعليم ، صحت ، روڊ رستا، پڪيون گهٽيون، اسٽريٽ لائيٽون  توڙي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت کان محروم آهن.

يوسي ساوڙو جي ٻين ڳوٺن جيان ڳوٺ راضي خان رودناڻي جا رهواسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ تڙپي رهيا آهن، رهواسي وڏي ازيت واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن.

رهواسين جو چوڻ آهي ته ڪاڇي ۾ ڏڪار واري صورتحال هئڻ باوجود  هو 20 رپيا في 35 ليٽر پاڻي جو دٻو خريد ڪري رهيا آهن.

ڳوٺاڻن چونڊيل نمائندن توڙي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جلد ٽينڪرن وسيلي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jam Sahib: Protest by teachers community against their leader

نيوز: ڄام صاحب: استاد برادري جو پنهنجي تنظيم جي اڳواڻن خلاف احتجاج

*ڄام صاحب ۾ استاد برادري پاران پنهجي تنظيم جي  اڳواڻن خلاف عوامي آواز ميڊيا سيٽر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے