19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |نصيرآباد: ڪانڌڙا برادري جو نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

نصيرآباد ۾ڪانڌڙا برادري پاران 15 ڏينهن اڳ زميني تڪرار تان قتل ٿيل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

ڪانڌڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي جي نتيجي ۾قتل ٿيل امير علي ڪانڌڙي جي وارثن علي گل، غلام الرسول ڪانڌڙو ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مقتول امير علي ڪانڌڙو جا قاتل اڃان به آزاد آھن، جن کي بااثر جي پٺڀرائي حاصل آھي.

هنن چيو ته بااثر کين ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، پوليس رھيل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ به تيار نه آهي، سندن ماڻهو اڃان زخمي آھن.

مقتول جي وارث غلام الرسول ڪانڌڙو چيو ته جيڪڏھن 3 ڏينهن اندر جوابدار گرفتار ڪري کين تحفظ فراهم نه ڪيو ويو ته هو پنھنجي زال سميت نصيرآباد ٿاڻي اڳيان پاڻ کي باھه ڏئي ساڙيندو…

هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪري کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dhabeji: Strike by members of JSQM against water shortage

نيوز: ڌاٻيجي: جسقم جي پاڻي کوٽ خلاف علامتي بک هڙتال

*ڌاٻيجي  ۾ پاڻي جي کوٽ ۽  بجلي جي  بندش خلاف جسقم جي سڏ تي  ڪارڪنن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے