25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز |ميرپوربٺورو: سول جج پاران تعلقي اسپتال جو دورو، مريضن جون شڪايتون

ميرپوربٺوري  جي سول جج   عمار قريشي  تعلقا اسپتال جو دورو ڪري  مريضن کان سهولتن بابت پڇا ڪئي.

سول جج عمار قريشي اوچتو تعلقا اسپتال پهچي گذريل ڏينهن پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ اين جي اوز مرف جي وچ ۾ ٿيل جهيڙي جا تفصيل معلوم ڪيا.

سول جج عمار قريشي  تفصيل معلوم ڪرڻ کان پوءِ  اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ، ليبارٽري وارڊ، اسٽور روم، سميت سمورن شعبن جو معائنو ڪيو ۽ ڊاڪٽرن سميت اسپتال عملي جي حاضري جو رجسٽر چيڪ ڪيو.

ان موقعي تي  اسپتال ۾ علاج لاءِ آيل مريضن علاج جون سهولتون نه ملڻ تي سول جج اڳيان اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ، ۽ دوائن جي کوٽ جون شڪايتون ڪيون جنهن تي سول جج پاران اسپتال انتظاميا تي سخت ڪاوڙ جو اظهار  ڪيو ويو.

سول جج  اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽرن کي هدايتون ڪيون ته عوام کي بهتر نموني سان صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

انهي موقعي تي سول جج ميرپور بٺوري  عمار قريشي ميڊيا  سان ڳالهائيندي چيو ته اسپتال جي صورتحال انتهائي خراب آهي جنهن جي رپورٽ مٿي اماڻي ويندي، ٻئي طرف سول جج جي اوچتي دوري سبب اسپتال جي ڊاڪٽرن ۾ ٿرٿلو مچي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے