21 جمعو , سيپٽمبر 2018

گوگل ڪروم کي ڏهه ورهيه مڪمل، اڄ سرپرائز ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)مشهور ويب سائيٽ گوگل برائوزر گوگل ڪروم ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي 10 سالگرهه جي موقعي تي  4 سپمبر تي سرپرائز ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. گوگل طرفان ڪروم برائوزر جي شروعات 2 سپٽمبر 2008 تي ڪئي وئي هئي جنهن اچڻ سان مائڪرو سافٽ انٽرنيٽ ايڪسپلورر، موزريلا فائرفوڪس ۽ ايپل جي سفاري جهڙن برائوزرن کي زبردست ڌچڪو لڳو. هن وقت گوگل ڪروم کي 1 ارب کان به وڌيڪ واپيدار استعمال ڪري رهيا آهن جڏهن ته اينڊرائيڊ واهپيدار ته مڪمل طور تي ان تي ئي درومدار رکندا آهن. هي ڪروم جي 10 سالا بهترين ڪارڪردگي ئي آهي جو ان کي ڪلين ۽ بهتر يوزر انٽرفيس، فاسٽ برائوزر سسٽم، ملٽي پلي آپشنز ۽ وقت سر ڪم اچڻ وارو سرچ انجڻ بڻايو آهي. ٻه ڏينهن اڳ گوگل ٽوئيٽر تي پنهنجي سالگرهه جو ڪيڪ شيئر ڪندي واهپيدارن کي آگاهه ڪيو ته 4 سپٽمبر تي انهن لاءِ سرپرائز اچڻ واور آهي. اڃان تائين ان سرپرائز جو اعلان ته ناهي ڪيو ويو پر ڪيترن ئي ماڻهن جو خيال آهي ته هلندڙ هفتي ڪروم جي ڊيزائن ۾ وڏيون تبديلين جو امڪان آهي جڏهن ته ڪجهه فيچرن ۾ پڻ وڌيڪ اَپ ڊيٽس سامهون اچي سگهن ٿيون، جهڙوڪ پاسورڊ پروٽيڪشن ۽ فليش جي حوالي سان نئين سيٽنگز جاري ڪرڻ وغيرا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Facebook announced fake newsletters to watch videos and images

فيسبڪ جعلي خبرن وارين ويڊيوز ۽ تصويرن جي جاچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪيلفورنيا( ويب ڊيسڪ ) فيسبڪ پنهنجي هڪ بلاگ ۾ اعلان ڪيو آهي ته هو جعلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے