18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سشميتا سين پاران ڌي کي 19 سالگرهه تي نصيحت

Sushmita Sen reminds her to 19 yearsممبئي(شوبز نيوز) سشميتا سين پنهنجي وڏي ڌي ريني جي 19 هين سالگرهه تي کيس نصيحت ڪندي چيو آهي ته هاڻ تنهنجي اُڏرڻ جا ڏينهن اچي ويا آهن. اداڪارا سشميتا سين جي وڏي ڌي ريني 19 ورهين جي ٿي وئي. ان موقعي سشميتا سين پنهنجي ڌي لاءِ انتهائي جذباتي پيغام لکيو آهي جنهن ۾ هن کيس نصيحت ڪئي آهي ته پنهنجي نوجواني جي آخري سال جو خوب لطف حاصل ڪيو.سشميتا سين .لکيو نوان دوست ٺاهيو، ڳايو، گهمون ڦرو، نئين دنيا جي ڳولها ڪيو، ماضي کي گذرڻ ڏيو، مستقبل تي نظر رکو پر جيڪو وقت اڄ توهان وٽ آهي ان جو ڀرپور لطف حاصل ڪيو، تنهنجو هر قدم ظاهر ڪندو ته توهان زندگي ۾ ڪهڙي شيءَ جي چونڊ ڪيو ٿا. سشميتا سين جذباتي لهجي ۾ پنهنجي ڌي کي مخاطب ٿيندي چيو ته مان توسان تمام گهڻي محبت ڪيان ٿي ۽ لڳي رهيو آهي ته جيئن توسان گڏ مان به 19 ورهين جي ٿي وئي آهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

It has come to time that all the powers of the world should be given to women: Nawazuddin Siddiqui

وقت اچي ويو آهي ته دنيا جا سمورا اختيار عورتن حوالي ڪيا وڃن: نواز الدين صديقي

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪار نواز الدين صديقي چيو آهي ته دنيا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے