19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: خيرپور: اريگيشن اسڪارپ ورڪشاپ ڊرنيج ڊويزن جو برطرف ملازمن جي حمايت ۾احتجاج

Khairpur: Irrigation management protest with workers for removing them from job *خيرپور ۾اريگيشن اسڪارپ ورڪشاپ ڊرنيج ڊويزن جي  ٽي مهينا اڳ برطرف  ڪيل ٻن ملازمن  جي حمايت ۾ ٻئي ڏينهن بھ  بک هڙتالي ڪيمپ جاري رکي وئي.

برطرف ملازمن مشتاق گوپانگ ۽ يونس ڀٽو جي حمايت ۾ ايريگيشن اسڪارپ مزدور دوست يونين جي سوين ملازمن حاجي نظر محمد ڀٽو ، اعجاز علي لنجواڻي ، شاڪر مسرور مهيسر ، وقار ڀٽي جي اڳواڻي ۾ قلم ڇڏ هڙتال ڪري واپڊا اسڪارپ جي مک دروازي اڳيان  بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي.

بک هڙتالي ڪئمپ تي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ امجد مهيسر ، گسٽا خيرپور ضلعي جي صدر مقصود مهيسر سميت ٻين ڪيترن ئي سياسي سماجي اڳواڻن بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي کين  حمايت جو يقين ڏياريو .

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو تھ ٽي مهينا اڳ اڳوڻي پي ڊي اسڪارپ حق سچ جو آواز بلند ڪرڻ تي يونين جي ٻن ملازم اڳواڻن مشتاق گوپانگ ۽ يونس ڀٽو کي بيگناهه برطرف ڪري نوڪريون ختم ڪري ڇڏيون هيون .

هنن چيو تھ  ٽي مهينا گذري وڃڻ باوجود برطرف ڪيل ملازم کي بحال نه ڪيو ويو آهي  جنهن ڪري  هنن  مجبور ٿي اڳوڻي پي ڊي اسڪارپ خلاف بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي آهي .

هنن چتاءُ ڏنو ته جيستائين برطرف ملازمن کي بحال نه ڪيو ويندو   تيستائين هنن جي   علامتي  بک هڙتال جاري رهندي….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے