21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: خيرپور: آرائين برادري جو ڪائونسلر ۽ ڪوٽڏيجي جي بااثر خلاف احتجاج

Khairpur: Protest by Arain community against Councillors and Kotdiji influential*خيرپور  ويجهو  آرائين برادري ڪائونسلر ۽ ڪوٽڏيجي جي  بااثر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 ڪوٽڏيجي ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 8 جي ڪائونسلر ۽ ڪوٽڏيجي جي بااثر  خلاف ديھه سوھو جي رھواسين افضل حسين آرائين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا آڏو داهيندي چيو تھ بااثر پنهنجي ڇاڙتن هٿان سندن ٻن نوجوانن کي کنڀي مٿن سخت تشدد ڪرايو.

افضل آرائين داهيندي چيو تھ بااثر سندس پٽن  ڪاشف علي ۽ فدا حسين آرائين   کي کنڀي  پاڻ وٽ قيد ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو.

هن چيو تھ بااثر نوجوانن تي تشدد بعد کين ڪوٽڏيجي پوليس حوالي ڪندي مٿن ڪيلن جي باغ مان ڪچا ڏونگر چوري ڪرڻ جو الزام ھڻي ڇڏيو.

احتجاج ڪندڙن   اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ  معاملي جو نوٽِس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪي کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

هوڏانهن الزام هيٺ آيل  مير پنهل رابطو ڪرڻ تي  ٻڌايو تھ هن کي بيگناهه  الزام لڳايو پيو وڃي، جڏهن ته هن جو  آرائين برادري ۽ ڪمبوه برادري سان ذاتي مسئلو آهي.

هن چيو تھ مذڪوره ڇوڪرن ڪيلن جي باغ مان لکين رپين جو نقصان ڪيو آهي  هنن مٿان  ڪوبھ تشدد ناهي ڪيو.

هوڏانهن ايس ايڇ او ڪوٽڏجي رابطو ڪرڻ تي  ٻڌايو تھ  متاثر  ڌر ٿاڻي تي اهڙي ڪابھ دانهن کڻي ناهي آئي جيڪڏهن فريادي آيا ته قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي……

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے