19 اربع , سيپٽمبر 2018

عمران خان کي پارلياماني ڪميشن تان ڀڄڻ نه ڏينداسين: حمزا شهباز

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز شريف چيو آهي ته خبر ناهي ته پ پ جون ڪهڙيون مجبوريون آهن، سٺو ٿئي ها ته مخالف ڌر جو گڏيل اميدوار هجي ها. پنجاب اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزا شهباز چيو ته  اسان احتجاج طور نظام ۾ شامل آهيون،  پنجاب اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه پيو ڪيو وڃي،  اسان جي اسيمبلي ميمبرن جي صحيح کي شڪ جي نظر سان ڏٺو ويو .هن چيو ته اسپيڪر اسان کي منظور نه ڪري ته اسان جو رويو سخت ٿي، عمران خان کي چونڊ پارلياماني ڪميشن کان ڀڄڻ نه ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته نيازي صاحب جو نئون پاڪستان ماڻهن کي نظر اچي رهيو آهي، اڄ مختلف داستان ٻڌي رهيا آهيون، عمران خان نيازي صاحب اسان خاموش نه ويهنداسين، توهان پاڪستاني قوم سان واعدا ڪيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي اصل منزل اڊيالا جيل ئي آهي: فيصل جاويد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل جاويد چيو آهي ته نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے