20 خميس , سيپٽمبر 2018

شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان اصلي شراب جون بوتلون هٿ ڪيون ويون: پوليس جي دعويٰ

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي ملازمن وٽان اصلي شراب هٿ ڪيو ويو،  حقيقت تبديل ڪرڻ تي جيل آفيسرن ۽ ڪورٽ پوليس خلاف ڪيس داخل ڪري کين جاچ ۾شامل ڪيو ويو آهي. ڪراچي پوليس شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان اصلي شراب هٿ اچڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. حقيقت تبديل ڪرڻ ۽ تبديلي ڪرڻ جي الزام  جيل اختيارين، ڪورٽ پوليس ۽ ڪجهه لاڳاپيل اختيارين خلاف ڪيس داخل ڪري کين جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.  هڪ اعليٰ پوليس آفيسر موجب چيف جسٽس جي شرجيل ميمڻ جي ڪمري تي ڇاپي دوران حقيقي شراب جون بوتلون هٿ ڪيون ويون،  چيف جسٽس جي ڪمري مان نڪرندي ئي بوتلن کي گم ڪيو ويو.چيف جسٽس جي هدايت ته جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي ٽيم ضياءَ الدين اسپتال پهتي ته پوليس جي دٻاءَ تي شرجيل انعام ميمڻ جي ملازمن ساڳي قسم جي بوتلن ۾ ماکي ۽ زيتون جو تيل وجهي پيش ڪيو. پيش ڪيل بوتلن جون تصويرون به سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون ويون. پوليس جي اعليٰ آفيسر موجب جاچ دوران اسپتال جا سي سي ٽي وي فوٽيجز ضبط ڪيا ويا ۽ وڊيو جي مدد سان شرجيل انعام ميمڻ جي هڪ ملازم کي سب جيل جي ڪمري مان شاپنگ بيگ ۾ شراب جون بوتلون کڻي ويندي ڏٺو ويو. بوٽ بيسن ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس ۽ڪيس پراپرٽي ۾ اهي حقيقي بوتلون موجود آهن جن مان 2 دٻا پيڪ آهن. ڪيس کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ اسپتال جا سمورا سي ٽي وي فوٽيجز به ڪيس جو حصو بڻايا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: For the first time the existence of ISIL has been admitted: Abdul Khaliq Ali

امامِ عالي مقام جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي ضرورت آهي: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته حضرت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے