21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: پٿورو: حاجي جعفر لغاري  جي  پرائمري اسڪول ۾ ٻن سالن کان استاد مقرر نھ ٿيو، تعليم متاثر

Pithoro: Primary school has been deprived of teachers since two years *پٿوري ويجهو  ڳوٺ حاجي جعفر لغاري  جي  پرائمري اسڪول ۾ ٻن سالن کان استاد مقرر نھ ٿيو، شاگردن جو مستقبل اونداهو ٿيڻ لڳو.

ڳوٺ حاجي جعفر لغاري ۾ چاليهن سالن کان هلندڙ پرائمري اسڪول ۾   بائيو ميٽرڪ سسٽم سبب بدلي ٿيل استاد ٻھ سال گذرڻ باوجود مقرر نھ ٿي سگهيو آهي.

پرائمري اسڪول جي شاگردن ميڊيا آڏو داهيندي چيو تھ  ٻن  سالن کان اسڪول ۾ استاد مقرر نھ ٿيڻ ڪري سندن مستقبل داءَ تي لڳي ويو آهي.

ڳوٺاڻن  حيات لغاري  ،  خان محمد نهڙي ، عرس ماڇي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو تھ  اسڪول ۾  110 ٻار  تعليم پرائن ٿا جن لاءِ هڪ بھ استاد مقرر ناهي جنهن سبب ٻارڙن جي تعليم سخت متاثر ٿئي پئي.

هنن چيو تھ ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي جي اعليٰ افيسرن کي درخواستون ڏنيون آهن پر هن وقت تائين ڪوبھ کڙ تيل ناهي نڪتو.

 هوڏانهن تعلقي ايجو ڪيشن آفيسر سان  رابطو  ڪيو ويو تھ  هن جواب ڏنو تھ  اهو هنن جو مسئلو ناهي.

هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ  معاملي نو نوٽِس وٺي اسڪول ۾ استاد مقرر ڪرڻ سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪري شاگردن جو مستقبل اونداهو ٿيڻ کان بچايو وڃي…

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol: Tribute to martyrs of karbala

نيوز: جهول: مرڪزي امام بارگاهه انجمن سجاديه مان جلوس برآمد

*جهول ۾ مرڪزي امام بارگاه انجمن سجاديه مان جلوس برآمد ٿيو جيڪو پنهنجي منزل طرف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے