23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڀٽ شاھ : مقامي فنڪارن جو  ڀٽائي جي عرس ۾ نظر انداز ڪرڻ خلاف احتجاج

Bhit Shah: Protest against Local artist by singing songs*ڀٽ شاھ  جي مقامي فنڪارن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي لطيفي راڳ ۾ کين  نظر انداز ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو.

مقامي فنڪارن  استاد تارا چند ، محمد رحيم سولنڱي،  محمد هاشم،  غلام سرور سهتي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي فنڪارن  ميڊيا  سان ڳالهائيندي چيو تھ  وڏي ڏک جي ڳالھه آھي جو حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي ڀٽ شاھ ۾ ٿيندڙ لطيفي راڳ ۾ مقامي فنڪارن کي مڪمل نظر انداز ڪيو وڃي ٿو.

 هنن چيو تھ شاھ لطيف جي عرس مبارڪ جي موقعي تي اھڙن فنڪارن کي گهرايو ويندو آھي جن کي شاھ لطيف جي ڪلام جي ڪابه ڄاڻ نه هوندي آھي.

مقامي فنڪارن سنڌ جي ثقافت کاتي کان مطالبو ڪيو تھ  شاھ لطيف جي ايندڙ عرس مبارڪ تي  کين  لطيفي راڳ رهاڻ ۾ دعوت ڏني وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز |ڳڙهي ياسين: ڊاڪٽرن پاران ايس ايڇ او جي ڏاڍاين خلاف سڀاڻي او پي ڊي بند رکڻ جو اعلان

ڳڙهي ياسين ۾ 4 ڏينهن اڳ مارجي ويل ابراهيم شر جي پوسٽ مارٽم تان ايس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے