20 خميس , سيپٽمبر 2018

احسان ماني بنا مقابلي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين چونڊجي ويو

Chairman of the Pakistan Cricket Board, which was made by Ehsan Manai, was electedلاهور(اسپورٽس نيوز) احسان ماني پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو. پي سي بي هيڊ ڪوراٽر ۾ اڄ نئين چيئرمين لاءِ چونڊ ٿيڻي هئي، پر احسان ماني جي مقابلي ۾ ڪنهن به اميدوار نامزدگي فارم نه ڀرايا. جنهن بعد هو بنا مقابلي پي سي بي چيئرمين چونڊجي ويو. پي سي بي قانون موجب احسان ماني ايندڙ ٽن سالن تائين پي سي بي چيئرمين جي حيثيت ۾ خدمتون انجام ڏيندو. ان کان اڳ ڪرڪيٽ پيٽرن ان چيف وزيراعظم عمران خان نجم سيٺي جي استعفيٰ بعد احسان ماني کي ڪرڪيٽ بورڊ جو نئون چيئرمين چونڊيو ويو پر بعد ۾ غلطي جو احساس ٿيڻ تي کيس گورننگ باڊي جو ميمبر بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو. ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي گورننگ بورڊ جي ميمبرن جو انگ 10 آهي جنهن ۾ ٻه سڌو سنئون وزيراعظم يعني پي سي بي جو پيٽرن مقرر ڪندو آهي جڏهن ته ٻيا 8 ريجنز ۽ ڊپارٽمنٽ جي طرفان چونڊجي بورڊ جو حصو بڻجندا آهن. پي سي بي چيئرمين جي چونڊ گورننگ بورڊ جا ميمبر پنهنجي ووٽ ذريعي ڪندا آهن. ياد رهي ته احسان ماني انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل(آءِ سي سي) جي صدر جي عهدي تي پڻ خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے