22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

مسلم ليگ ن پاران ڌانڌلي تي ڪميشن ٺاهڻ جي مطالبي تان پوئتي نه هٽڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌلي تي ڪميشن ٺاهڻ جي مطالبي تان پوئتي نه هٽڻ جو فيصلو ڪندي وزيراعظم ۽ نيب چيئرمين جي ملاقات کي مفادن جو ٽڪراءُ قرار ڏنو آهي. مسلم ليگ ن جي پارلياماني پارٽيءَ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ مسلم ليگ ن سمنڊ پار پاڪستانين جي ننڍي چونڊ ۾ ووٽ وجهڻ جي معاملي کي رد ڪيو.مسلم ليگ ن اي سي سي پاران بجلي سستي ڪرڻ بدران مهانگي ڪرڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. ن ليگ جي پارلياماني پارٽي لوڪل گورنمينٽ نظام ختم ڪرڻ جي اعلان تي ڪنوينشن گهرائڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته ڪنوينشن ۾ سمورن مڪاني ادارن جي نمائندن کان راءِ ورتي ويندي. اجلاس ۾ چيو ويو ته مڪاني ادارن جي نمائندن کي آئيني مدو پورو ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ چيو ويو ته سي پيڪ جا فنڊ بند روڪي اولهه جي روٽ تي ڪم روڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ مسلم ليگ ن مبينا ڌانڌلي تي ڪميشن هٽائڻ جي مطالبي تي پوئتي نه هٽڻ جو فيصلو ڪندي وزيراعظم ۽ نيب چيئرمين جي ملاقات کي مفادن جو ٽڪراءُ قرار ڏنو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے