21 جمعو , سيپٽمبر 2018

صدر مملڪت جي چونڊ ۽ جمهوريت جو مستقبل

علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ صدر مملڪت جي چونڊ لاءِ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ آف پاڪستان جو گڏيل اجلاس اڄ  پارليامينٽ هائوس ۾ اسپيڪر قومي اسيمبلي جي صدارت ۾ ٿي رهيو آهي ۽ گڏوگڏ، صدارتي اليڪٽورل ڪاليج ۾ شامل صوبن، سنڌ، پنجاب ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه صوبائي اسيمبلين جا اجلاس پڻ  ٿي رهيا آهن. جنهن ۾پارليامينٽ جا سمورا ميمبر پنهنجي ووٽن ذريعي ملڪ جي نئين صدر جي چونڊ ڪري رهيا آهن. اميد ته، اڄ چار سيپٽيمبر جي ڏينهن جي موڪلاڻي کان اڳ شام تائين ملڪ ۾ صدر جي عهدي تي ڪامياب ٿيندڙ شخصيت جو پڻ اعلان ٿي ويندو ۽ ان عمل جي پڄاڻيءَ  سان ئي  ملڪ جي قسمت ۽ جمهوري مستقبل يا ايندڙ وقت ۽ سياسي حالتن جو رخ پڻ طئي ٿي ويندو .

صدر مملڪت واري عهدي جي چونڊ لاءِ سمورن اسيمبلين جي ميمبرن کي پنهنجي ضمير  موجب فيصلو ڪرڻ جو آئيني ۽ قانوني طور تي حق حاصل آهي. اهو ئي وقت آهي ته سامهون موجود اميدوارن جي ڪردار، صلاحيت،  سياسي ۽ علمي ڪارڪردگي جانچڻ لازمي ۽ ملڪ جي آئين جي واقفيت ۽ حرمت جي حفاظت ڪندڙ شخصيت جي چونڊ ڪرڻ لاءِ پنهنجين سياسي جماعتن جي پابندين کان آجو ٿي ضمير موجب ئي فيصلو ڪرڻو آهي ۽ ملڪ جي 13 هين صدر جي چونڊ ضمير جي فيصلي تحت ڳجهي ووٽ ذريعي ئي ٿيڻي آهي.

يقينن، صدر مملڪت جي عهدي جي اميدوار شخصيتن ۾ حڪومتي ڌر طرفان ڊاڪٽر عارف علوي، پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميدوار بئرسٽر اعتزاز احسن ۽ مسلم ليگ (ن) ۽ اتحاد طرفان مولانا فضل الرحمان ميدان ۾ لٿل آهن. صدر مملڪت جي عهدي جي انهن ٽنهي اميدوارن جا ملڪ جي پارلياماني ۽ جمهوري سرشتي ۾ جماعتي ۽ شخصي بنيادن تي پڻ ڪردار واضح آهن، جنهن مان ڪنهن به هڪ جي چونڊجڻ سان ملڪ جي عوام ۽ دنيا جي دانشورن ۽ عالمي قوتن کي پڻ اهو پيغام ۽ پڌرائي ٿي ويندي ته ايشيا جي اهم خطي واري ايٽمي ملڪ ۽ 22ڪروڙ عوام جي ملڪ پاڪستان ۾ايندڙ پنجن سالن ۾ سياسي صورتحال ۾ امن ۽ استحڪام هوندو يا نئين وفاقي سرڪار جو دنيا سان لاڳاپيل جهيڙن ۾ ملوث هوندي يا ياملڪ ۾حڪومت ۽ مخالف ڌرين ۾ چڪريون ۽ دنگل ۽ فسادن  ۽ ڇڪتاڻ وارو ميدان متل رهندو.

بيشڪ !  ملڪ جي پارلياماني سرشتي ۽ آئين جي مڪمل طور تي پارلياماني هئڻ ڪري صدر کي  گهڻا اختيار حاصل نه آهن، پر سادي ۽ عوامي ٻولي ۾جيڪر  1973ع جي لاڳو آئين جي روشني ۾صدر ۽ وزير اعظم۽ صوبائي حڪومتن جي اختيارن ۽ڪردار جو تجزيو ڪيو وڃي ته انهيءَ ۾ صدر مملڪت جو مقام ۽ ذميدارين ۾وزير اعظم ۽ وفاقي سرڪار جي رهنمائي ڪرڻ ۽ ملڪ جي لاڳاپيل معاملن ۽ مسئلن جي حل ۾ مدد ۽ سهڪار مهيا ڪرڻ ئي آهي.  جڏهن ته وفاقي سرڪار جو چيف ايگزيڪٽو وزير اعظم آهي جيڪو ملڪ جي سمورن وفاقي کاتن ۽ وزارتن سان گڏوگڏ هٿياربند فوجن جو سپريم ڪمانڊر هئڻ سان گڏوگڏ ۽ گهرو وزارت ۽ دنياجي ملڪن سان هرقسم جي لاڳاپن  جا سمورا اختيار ۽ پاليسي سازي ۾ وزير اعظم ۽ انهي جي ڪابينا بااختيار قرار ڏنل آهي. جڏهن ته آئين ۾شامل 18هين ترميم تحت ملڪ جا سمورا صوبا وفاقي نظام تحت، خومختيار ۽ صوبن ۾ چونڊيل حڪومتن جا وزير اعلي صوبن جا چيف ايگزيڪٽو ۽ صوبا پنهنجي وسيلن ۽ اختيارن ۽ اقتدار جا مالڪ قرار ڏنل آهن.

ٻئي پاسي،  وفاقي حڪومت کي پنهنجي اقتدار جي پهرين ئي مهيني ۾ ڪيترن ئي ڏيهي ۽ پرڏيهي بحرانن ۽ گهوٽالن لوڏڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جو بنيادي سبب، ملڪ جي پارلياماني سرشتي، آئين ۽ قانون ۾ مهارت جي کوٽ ۽ سياست ۾ ناتجربيڪاري، سان گڏوگڏ ڏيهي ۽ پرڏيهي معاملن ۽حڪومت هلائڻ ۾ پڻ واقفيت نه هئڻ ئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ صدر مملڪت جي عهدي تي پڻ  وفاقي سرڪار جو اميدوار ڪامياب ٿئي ٿو ته وفاقي حڪومت لاءِ اهو پڻ نئون امتحان شروع ٿيڻ جي برابر هوندو ۽ کيس حڪمراني لاءِ ڪا  خاص سگهاري مدد ۽ رهنمائي ملڻ جا پڻ امڪان گهٽجي سگهن ٿا.

تمام گهڻي ڳڻتي واري ڳالهه آهي ته ملڪ ۾ چونڊيل پاڪستان تحريڪ انصاف واري نئين وفاقي سرڪار ۽ انهي جماعت جو سربراهه ۽ وزير اعظم عمران خان، ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ پاڪستاني  ٽيم جي ڪپتان هئڻ جي حيثيت ۾ ته تمام گهڻي مشهوري حاصل ڪئي ۽ انهيءَ مشهوري کي اڳتي هلي سياسي جماعت جي جوڙجڪ ۽ بعد ۾ سياسي  ووٽ ۾پڻ تبديل ڪرايو ويو. 2013ع وارين چونڊن ۾ قومي اسيمبلي ۾ 34 سيٽون ۽ خيبر پختونخواهه ۾ صوبائي حڪومت حاصل ڪرڻ بعد 2018ع واري تازين عام چونڊن ۾ ملڪ کي هر قسم جي بحرانن مان ڪڍڻ ۽ خوشحال ڪرڻ جي اعلانن ۽ آسرن تي وفاق ۽ ٻن صوبن ۾ حڪومتون ضرور قائم ڪيون ويون آهن. پر هاڻي، ملڪ جي مسئلن جي حل ۽ عوام سان ڪيل واعدن کي وفا ڪرڻ واريون اڻ ٽر للڪارون لاڳو آهن.

سرهائي واري ڳالهه ته، مخالف ڌر جي جماعتن طرفان صدر جي عهدي تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ  پارليامينٽ جي ميمبرن اڪثريتي جماعتن پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن)ٻنهي  ڪنهن هڪ اميدوار تي اتفاق جون ڪوششون ٻيهر شروع ڪري ڇڏيون آهن، ان سلسلي ۾اڳوڻي صدر مملڪت آصف علي زرداري پنهنجي نامزد صدارتي اميدوار اعتزاز احسن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ ۽  حڪومتي ڌرين جو سهڪار حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ، مخالف ڌر جي پارٽين جي گڏيل صدارتي اميدوار جي معاملي تي اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ٻيهر ڪاوشون ٿي رهيون آهن. اميد ڪري سگهجي ٿي ته انهي جي حوالي سان بهتر  فيصلا ٿيندا ۽ وڌيڪ آخري فيصلي لاءِ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو جي صدارت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ آف پاڪستان جي ميمبرن جو اهم اجلاس اسلام آباد ۾ پڻ ڪوٺايو ويو. اميد ڪري سگهجي ٿي ته ، انهي گڏجاڻي جا فيصلا ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ صدارتي چونڊن بابت ملڪ جي سياسي صورتحال جو رخ طئي ڪرڻ ۾ اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪندا. جنهن مان اميد ڪري سگهجي ٿي ته اتحادي جماعتن جي ويساهه گهاتين ۽ غير ذميواري واري هلت جي باوجود به  هن مشڪل وقت ۾ ملڪ جي رهنمائي ڪرڻ کان پوئتي نه هٽندا ۽ صدر جي چونڊ ۾ ڪاميابي يا ناڪامي جي صورت ۾ به ملڪ جي پارلياماني سرشتي ۽ جمهوريت کي بچائڻ ۽ ملڪ ۽ جمهوريت جي بهتر مستقبل  ۾ پنهنجو ڪردار ضرور ادا ڪندا .

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه ڪامريڊ سليم سنگت کي سمجهائيندي چيو ته “اڄ نائين محرم آهي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے